پارليامينٽ ۾ حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏيڻ لاءِ گڏيل اپوزيشن صلاح مشورا تيز ڪري ڇڏيا

0
273

ڪراچي:پارليامينٽ ۾ حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏيڻ لاءِ گڏيل اپوزيشن صلاح مشورا تيز ڪري ڇڏيا، اسٽيئرنگ ڪميٽي جي اجلاس دوران حڪومتي قانونسازي روڪرائڻ لاءِ حڪمت عملي تي غور، ڪميٽي اپوزيشن جي چوڻ تي پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس ملتوي ڪرڻ بابت حڪومتي وزيرن جي بيانن کي رد ڪري ڇڏيو آھي

 پ پ سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته سمورن بلز ۽ آرڊيننسز جو جائزو ورتو ويندو، اپوزيشن پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس ملتوي نه ڪرايو آهي، اسان جا نمبرز پورا آهن، حڪومتي وزير ڪوڙا بيان ڏين ٿا، گڏيل اپوزيشن متحد آهي ۽ رهندي، سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته اسپيڪر اسد قيصر سان ملاقات ڪري سمورن بلز ۽ نقطن جا تفصيل گهريا اٿئو، اسپيڪر سمورا تفصيل لکت ۾ ڏيندو ته ڳالهيون ٿينديون

ھي به پڙھندا

ملڪ ۾ ڪير به مقدس ڳئون نه آهي، عدالت حڪم ڏئي ته ايڪشن کڻنداسين: وزيراعظم جو سپريم ڪورٽ ۾ جواب