اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پارليامينٽ هائوس ۾ دهشتگردي جي حملي جي خدشي سبب پارليامينٽ هائوس جي سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي آهي، پارليامينٽ هائوس جي ٻاهرين گيٽن تي پوليس سان گڏ ايف سي مقرر ڪئي وئي آهي، پارليامينٽ هائوس ۾ غير لاڳاپيل ماڻهن جي داخلا بند ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ڪالهه اڪثر ملازمن کي به موڪل ڪرائي گهرن کان ڪم ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي، جڏهن ته ڪالهه پارليامينٽ هائوس ۾ رٿيل ڪاميٽين جا اجلاس به ملتوي ڪيا ويا، قومي اسيمبلي جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته قومي اسيمبلي ڪنهن به ڪاميٽي جي شيڊول ٿيل اجلاس کي ملتوي ناهي ڪيو، جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي جي ڪنهن به ڪاميٽي جو اجلاس شيڊول نه هو ته پوءِ اهو ملتوي ڪيئن ٿيو آهي. ڇنڇر ۽ آچر جي موڪل سبب سيڪيورٽي صورتحال کي بهتر رکيو ويندو آهي، ايندڙ هفتي جيڪي به اجلاس شيڊول ٿيل آهن اهي مقرر وقت تي ٿيندا، پارليامينٽ هائوس ۾ صحافين، لاڳاپيل ماڻهن جي اچڻ تي ڪا پابندي ناهي، ياد رهي ته ڪالهه سينيٽ جي گهرو مامرن بابت ڪاميٽي جو اجلاس 11 وڳي ڪاميٽي روم نمبر هڪ ۾ رٿيل هو جيڪو ملتوي ڪيو ويو،  جڏهن ته ڪالهه پارليامينٽ هائوس ۾ ڪنهن به قومي اسيمبلي توڙي سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪاميٽي جو اجلاس نه ٿيو آهي.