پارليامينٽ هاءِ مورال گرائونڊ وڃائي ڇڏيو، اسپيڪر خلاف عدم اعتماد تحريڪ هاڻ نه آئي ته ڪڏهن ايندي؟: بلاول ڀٽو

0
381
Bilawal Bhutto Zardari

اسلام آباد: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته پارليامينٽ هاءِ مورال گرائونڊ وڃائي ڇڏيو آهي، آئون قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف کان مطالبو ڪيان ٿو ته جڏهن توهان مٿان حملو ڪيو ويو، بجيٽ ۾ نه ڳالهائڻ ڏنو ويو، نه اسان جو ووٽ ڳڻيو ويو، ڪو سياسي رستو نه ڇڏيو ويو ته اسپيڪر جي خلاف عدم اعتماد جي تحريڪ هاڻ نه آندي وئي ته ڪڏهن آندي ويندي؟ اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته اپوزيشن اڳواڻ کي چوان ٿو ته اسپيڪر جي ڪردار کي سنجيدگي سان ورتو وڃي، اسپيڪر پاران منهنجي بجيٽ کي چيلينج ڪرڻ کي نظرانداز ڪيو ويو، کيس ڳڻپ ڪرائڻ گهرجي ها، پر قانون ۽ ضابطن جي خلاف ورزي ڪئي وئي، هاڻ هي غير قانوني عمل ٿي ويو آهي، مون اسپيڪر کي به خط لکيو آهي ته ڪهڙي نموني قائدن جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي. اسپيڪر اسان جي حق تي ڌاڙو هنيو، اسپيڪر غلطي کي درست نه ڪيو ته هي غيرقانوني بجيٽ هوندي، جنهن جي اسان قانوني طريقي سان مخالفت ڪنداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته آئون پنهنجي پارٽي لاءِ جوابده آهيان، اسان جا سڀ ميمبر موجود هئا، اها شڪايت درست آهي ته اپوزيشن جا ڪجهه ايم اين ايز نه هئا، جنهن جو پيغام صحيح نه ويو، بهتر هجي ها ته شهباز شريف اسلام آباد ۽ ايوان ۾ موجود هجي ها.