اسلام آباد (بيورو رپورٽ)  وفاقي حڪومت پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ چونڊن لاءِ اليڪشن ڪميشن کي پيسا ڏيڻ کان ٽيهر انڪار ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته سپريم ڪورٽ جي 19 اپريل واري حڪم تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي خط لکي ڇڏيو آهي. پارليامينٽ ميمبرن ججن کي پارليامينٽ آڏو طلب ڪرڻ جو مطالبو  ڪيو آهي. ان ڏس ۾ قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر راجا پرويز  اشرف جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ چيف جسٽس کي خط لکڻ جي درخواست نواز ليگ جي ايم اين اي برجيس طاهر ڏني ، جنهن ۾ هن چيو ته 19 اپريل جي حڪم ۾ پارليامينٽ جي توهين ڪئي وئي. اسان کي استحقاق ڪميٽي ۾ ڪنهن کي به گھرائڻ جو اختيار آهي. اسان اڳوڻي صدر فاروق لغاري کي به گھرايو هو. هن چيو ته اسان جي خزاني واري ڪميٽي جي سفارش هئي ته اليڪشن لاءِ فنڊ نه ڏنا وڃن. ايوان قرارداد منظور ڪئي، جيڪو ان جو قانون نٿو مڃي ان کي پارليامينٽ جي توهين جي الزام هيٺ گھرائي سگهجي ٿو. اسپيڪر سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي خط لکي يا اسان کي چئي ڇڏي ته اسين استعيفا ڏئي ڇڏيون. اهڙي درخواست تي   قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پاران چيف جسٽس ۽ سپريم ڪورٽ جي ٻين ججز کي خط لکيو ويو. اسپيڪر چيو ته ايوان جي ڪسٽوڊين طور توهان کي هي خط لکي رهيو آهيان.  ايوان اسپيڪر کي اجازت ڏني آهي ته اهو چيف جسٽس کي خط لکي. بعد ۾ اسپيڪر چيف جسٽس کي پنج صفحن تي ٻڌل خط لکي ڇڏيو. جنهن ۾ چيو ويو ته ٽي رڪني بينچ آئيني عمل کي نظرانداز ڪيو آهي. ٽي رڪني بينچ تڪڙي نظر اچي رهي آهي ان ڪري حڪومت کي غير معمولي حڪم جاري ڪيا ويا آهن. عدالت جي اهڙي حڪم سان پارليامينٽ جو استحقاق مجروح ٿيو آهي. اسپيڪر جي خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته هاڻوڪن فيصلن ۽ ججن جي رمارڪس تي عوامي نمائندن کي خدشا آهن. عدالتي فيصلا قومي اسيمبلي جي ٻن بنيادي اختيارين کان مٿانهان آهن. آرٽيڪل 73 مالياتي بل بابت اختيار قومي اسيمبلي کي ڏئي ٿو.  خط ۾ وڌيڪ چيو يوو آهي ته پارليامينٽ عدليا جو احترام ڪري ٿو ادارن کي پنهنجي حدن کان نه ٽپڻ گھرجي. آئيني حدن ۾ رهي ٽڪراءُ کان بچي سگهجي ٿو.  خط موجب سياستدانن کي هميشه انتقام جو نشانو بڻايو ويو آهي. پارليامينٽ عوام پاران ڏنل اختيارن جو تحفظ ڪندو آهي. آئين جي حاڪميت لاءِ ادارن کي گڏجي ڪم ڪرڻ گھرجي. چيف جسٽس سميت ٻيا جج  پارليامينٽ جي حدن جو احترام ڪن. خط جي متن ۾ چيل آهي ته سپريم ڪورٽ سياسي مونجھارن ۾ نه پوي، سياسي معاملا پارليامينٽ کي ئي حل ڪرڻ ڏنا وڃن. آئين جي بالادستي لاءِ اسان کي گڏجي ڪم ڪرڻو آهي. اسپيڪر جي خط جي ڪاپي اٽارني جنرل ۽ رجسٽرار جي آفيس کي به اماڻي وئي آهي. ان کان اڳ اجلاس ۾ خطاب ڪندي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار چيو ته ائين ٿي نٿو سگهي ته ڪورٽ حڪم ڏئي۽ اسان پيسا ڏئي ڇڏيون. هن چيو ته موجوده حالتن جا ذميوار پاناما، ڊان ليڪس جهڙا ڊراما ڪرڻ ۽ نواز شريف کي ڪڍڻ وارا آهن. ٻه ٽي مهينا اليڪشن پوئتي ٿي وڃي ته ڇا ٿي پوندو.  هن چيو ته پنجاب ۽ ڪي پي ۾ اليڪشن لاءِ 14 ارب رپين کان وڌيڪ اضافي خرچ به ٿيندا.  ڇا اسين اڄ پيسا ڏئي ڇڏيون ته 90 ڏينهن ۾ چونڊون ٿي وينديون؟ ڇا پهريون ڀيرو آهي جو اليڪشن 90 ڏينهن ۾ نه ٿي رهي آهي. 88ع ۾ به آفت جي ڪري اليڪشن 90 ڏينهن ۾ نه ٿي سگهي هئي. هن چيو ته گذريل حڪومت ملڪ کي هن حالت ۾ پهچايو آهي، هاڻي نرڄائيءَ وچان سياست ڪري رهيا آهن.  هن چيو ته اسٽيٽ بينڪ پاڻمرادو رقم جاري ڪرڻ جو اختيار نٿي رکي. آدمشماري کان پوءِ نئيون تڪبنديون ٿيڻيون آهن، نئين تڪبدين کان پوءِ ئي چونڊن ڏانهن وڃي سگھجي ٿو.  هن چيو ته چونڊن ۾ واڌو خرچ به هوندا، پئسا ملي وڃن ته ڇا 90 ڏينهن ۾ چونڊون ٿي وينديون؟ نه ٿينديون، اسيمبليون ٽٽڻ سان ڪيترائي مسئلا پيدا ٿيا. هن چيو ته سپليمينٽري گرانٽ جو عمل مڪمل ٿيڻ تائين ناڻي واري وزارت ڪجهه نٿي ڪري سگهي، آئين ۾ داخل طريقي ڪار کان هٽي فنڊ جاري نٿا ٿي سگهن.  اجلاس ۾ خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري توهين پارليامينٽ جو معاملو استحقاق ڪميٽي ڏانهن اماڻڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. هن چيو ته اسپيڪر صاحب! چيف جسٽس کي خط لکڻ سان ڪم نه هلندو. ججن کي آئين سمجهائڻ لاءِ رضا رباني جي سربراهي ۾ ڪاميٽي اماڻي سگهون ٿا. هن چيو ته سپريم ڪورٽ اقليتي فيصلي کي اڪثريتي چئي اسان تي مڙهڻ چاهي ٿي. ڪجھه هفتن کان اسان جي ملڪ ۾ تماشو ٿي رهيو آهي. سپريم ڪورٽ آئين جي تشريح ڪري سگهي ٿي آئين ۾ تبديلي نٿي ڪري سگهي. سپريم ڪورٽ کي اختيار ناهي ته آئين ۾ ترميم ڪري. پارليامينٽ جي توهين ڪئي پئي وڃي. عدالت ڪيئن لکي سگهي ٿيو ته پارليامينٽ کي وساري ڇڏيو ۽ اقليتي فيصلو مڃي وٺو. عدالت ڪيئن وزيراعظم کي حڪم ڏئي سگهي ٿي ته پارليامينٽ وٽ نه وڃي. بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته اسين چار ٽي جي اڪثريتي فيصلي سان يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا.  عدليا جي حڪم سان آئين جي پارليامينٽ جي توهين ٿي آهي.  هن چيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته ليڪو ڇڪي ڇڏجي ته هاڻي ڪنهن وزيراعظم کي توهين عدالت تي فارغ ٿيڻ نه ڏنو ويندو. هن چيو ته آئيني مدو پرو ٿيڻ تي سڄي ملڪ ۾ هڪ ئي وقت چونڊ ٿيڻ گھرجي. نظر اچي رهيو آهي ته دال ۾ ڪجھه ڪارو آهي.  اهو قبولڻ جوڳو ناهي ته بينچ ۾ بيهي پڇيو وڃي ته توهان وٽ اڪثريت آهي يا نه؟ نظر اچي رهيو آهي ته مونجھاري ۽ جھيڙي ۾ خطرو ئي خطرو آهي. زوري هڪ صوبي جي چونڊ پهرين ڪرائي پئي وڃي ته ڪٿان نه ڪٿان آواز اٿندو. اسين ٽن پيڙهين کان راند ڪري رهيا آهيون، جھيڙي ۾ خطرو ئي خطرو آهي. اسين ڪلهه به هن اداري سان گڏ هئاسين اڄ به آهيون. هن چيو ته هي ڪڏهن چون ٿا استعيفيٰ وٺو ڪڏهن چون ٿا نه وٺو. اسان ڪڏهن آمر جي حڪم تي به آئين ناهي ٽوڙيو. اعليٰ عدليا چئي رهي آهي ته پارليامينٽ جي حڪم کي نظر انداز ڪر ڇڏيو. هڪ وزيراعظم کي ڦاهي ڏني وئي، ڪيترن وزيراعظمن کي توهين عدالت سان اڏايو ويو.  اجلاس ۾ پي ٽي ايم جي اڳواڻ محسن داوڙ سڄي پارليامينٽ کي استحقاق ڪميٽي قرار ڏئي سمورن ججن کي طلب ڪرڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي آهي. هن چيو ته ججن جيڪا پارليامينٽ جي توهين ڪئي آهي، ان لاءِ هن سڄي ايوان کي استحقاق ڪميٽي جو درجو ڏئي ججز کي هتي گهرايو وڃي.  قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ  چيو ته اها ڳالهه آئين ۾ واضح آهي ته رقم نٿي ڏئي سگهجي. اسيمبلي ئي خزاني مان رقم ڪڍڻ جي منظوري ڏئي سگهي ٿي. اهو هن ايوان جو اختيار آهي.  اي اين پي جي اڳواڻ امير حيدر هوتي چيوته آئين ۾ ڪٿي لکيل آهي ته چئن ججن جو فيصلو ناهي مڃڻو، ٽن جو مڃڻو آهي، جن ججز تي اعتراض آهي ڇا انهن کي بينچ ۾ ويهڻ جي اجازت آهي؟ ڇا آئين ۾ لکيل آيه ته باجوه صاحب صلاح ڏيندو ته اسيمبلي ٽٽندي، ايوان جا قانون نٿا مڃيا وڃن ته پواءِ اسين هتي ڇو ويٺا آهيون؟ بعد ۾ قومي اسيمبلي جو اجلاس ڄ ٽپهري جو 3 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو.