اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي ۾ پارلياماني رڪارڊ نه ڏيڻ ۽ سپريم ڪورٽ جي ججن جي اجلاس جو رڪارڊ گهرائڻ جو مطالبو، جسٽس ثاقب نثار جي پٽ جي آڊيو ليڪ جي جاچ لاءِ ڪاميٽي جوڙڻ جي رٿ به منظور، تفصيل موجب  قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي صدارت ۾  ٿيو، جي يو آءِ جي قومي اسيمبلي ميمبر شاهده اختر علي قومي اسيمبلي جي خصوصي ڪاميٽي ٺاهڻ جي رٿ پيش ڪئي، پارلياماني سيڪريٽري شاهده اختر علي چيو ته اڳوڻي چيف جسٽس ميان ثاقب نثار جي پٽ نجم ثاقب جي ڳالهه ٻولهه جي فرانزڪ ڪرائي وڃي، هي ڪاميٽي آڊيو بابت هر شخصيت کي طلب ڪري سگهي، قومي اسيمبلي جي ايوان شاهده اختر علي پاران اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي پٽ جي آڊيو جي حوالي سان خصوصي ڪاميٽي جوڙڻ جي رٿ منظور ڪري ورتي. دفاع جي وفاقي وزير خواجا آصف ڳالهائيندي چيو ته اسان جي اداري ۾ ويٺل ماڻهو ڪروڙ ووٽ وٺي هتي پهچندا آهن، انهن کي مينڊيٽ پاڪستان جي عوام ڏنو  آهي، اسان جي مينڊيٽ تي وقتن بوقتن سواليا نشان اٿي رهيا آهن، اسان به عوام ۾ ويندا رهندا آهيون، پاڪستان جي ڪنهن به اداري ايتري خدمت نه ڪئي جيتري چونڊيل نمائندن ڪئي آهي، اسان جي سامهون جيڪو ادارو آهي ان اسان کان ڪارروائي جو رڪارڊ گهريو آهي، اسان جي ڪا به ڪارروائي ڳجهي ناهي هوندي، جيترن ڏينهن جي ڪارروائي گهرجي ڏيو، هن چيو ته اسان کي سپريم ڪورٽ جو احترام آهي ان ئي سپريم ڪورٽ ٻن ججن جي باري ۾ چيو ته انهن پاڻ کي بينچ کان الڳ ڪيو آهي، بعد ۾ انهن ئي ٻن ججن کي بينچ ۾ شامل ڪيو ويو، اسپيڪر صاحب توهان به سپريم ڪورٽ کان ڪارروائي جو رڪارڊ گهرو، اسان کي چيو ويو ته ڳالهيون ڪيو ۽ اسان ڳالهيون ڪري رهيا آهيون، توهان پنهنجي به ته گهر ۾ پنچائت لڳرايو، پنچائت لڳائڻ يا لڳرائڻ سپريم ڪورٽ جو ڪم نه آهي، آئين ۾ ڪٿي به لکيل نه آهي ته سپريم ڪورٽ پنچائتون لڳرائيندي، اسان کي پنهنجي اداري جو دفاع ڪرڻو آهي، جيڪي پهريان هتي حڪمران هئا انهن کي وري سهولت ڪار ملي ويا آهن، اسان کي انهن سهولت ڪارن جي اڳيان ديوار بڻجي وڃڻ گهرجي، ميان نواز شريف کي تاحيات نااهل ڪيو ويو، اسان کي پنهنجا اختلاف وساري هن اداري جي سربلندي لاءِ جنگ وڙهڻي پوندي، اسان سياسي جنگيون وڙهي رهيا آهيون، اسان کي ڪيترائي ڀيرا  گهر موڪليو ويو، هن اداري جو خون ڪيو ويو ڇا ان جو ڪو حساب ڏيندو، هڪ وردي واري شخص کي آئيني ترميم ڪرڻ جو به اختيار ڏنو ويو، توهان کي ياد هوندو ته ڪهڙي طرح اهو باوردي مڪا لهرائيندو هو، جسٽس منير کان وٺي ذوالفقار علي ڀٽو جي ڪيس تائين ڪوئي حساب ڏيندو، آئين جي خون جو ڪير حساب ڏيندو، اسان پنهنجي ڏوهن جو اعتراف به ڪيون ٿا، ن ليگ ۽ پيپلز پارٽي ۾ اختلاف هئا پر چارٽر آف ڊيموڪريسي ڪيو ويو، اسيمبلي ٻه ڀيرا مدت پوري ڪئي، ٽيون ڀيرو مدت پوري ڪرڻ کان هڪ ادارو روڪي رهيو آهي، عوام جا هٿ اسان جي ڳچين ۾ هوندا آهن عوام اسان کان حساب گهرندو آهي، اسان عوام سان رابطي ۾ هوندا آهيون، هي ماڻهو نڪرندا آهن ته شاهراهه دستور تي ٽريفڪ بند ٿي ويندي آهي، ڇا ڪڏهن ڪنهن وزير لاءِ ٽريفڪ بند ٿي آهي؟ اسان جون پهگارون هڪ لک 68 هزار آهن، هي جيڪي ڀر ۾ ويٺا آهن ڪوئي انهن کان به پگهار پڇي، مراعتون ان کانسواءِ آهن، 72 سالن کان منهنجو خاندان سياست ۾ آهي هڪ پلاٽ نه آهي، انهن کي 72 سال ملي وڃن ها ته ڪيترائي پلاٽ انهن وٽ هجن ها، هائوس ۾ اسپيشل ڪاميٽي جوڙي وڃي جيڪا ڪاميٽي ذوالفقار علي ڀٽو ڪيس، گيلاني ڪيس ۽ نواز شريف ڪيس جو جائزو وٺي ۽ حساب ڪري، اسان آمرن جو ساٿ ڏنو آهي پر قيمت ادا ڪئي آهي، صرف ٻه جج هن مهل تائين نااهل ٿيا آهن، ڪنهن پڇيو آهي ته شيخ رياض ڪٿي آهي، جن آئين ٽوڙيو ۽ هن دنيا ۾ نه آهن انهن تي ڪيس هلايو وڃي، جيڪڏهن جنگ وڙهڻي آهي ته پوءِ جنگ هوندي، هن چيو ته پارليامينٽ پنهنجي وزيراعظم جي قرباني نه ڏيندي، اهو سلسلو جاري نه ٿو رهي سگهي، هنن قابل گرفت ڏوهه ڪيا آهن ائين نه ٿيندو هنن کي حساب ڏيڻو پوندو،هڪ ڪاميٽي جوڙي وڃي ۽ عدليه جي فيصلن جو ٽرائل ٿيڻ گهرجي،  اسان کي عوام ياد ڪرائيندو آهي ته توهان جي ڇا اوقات آهي، هنن کي به ياد ڪرايو ته انهن جي ڪهڙي اوقات آهي، هنن کي به معافي گهرڻ ڏيو ۽ انهن جو به حساب ٿيڻ ڏيو، انهن کي لکو ته اسان کي ان ڳالهه ٻولهه جو رڪارڊ ڏيو، حڪومتي اتحادي بلوچستان مان آزاد حيثيت ۾ چونڊيل اسلم ڀوتاڻي چيو ته مون کي تڪليف ٿي جڏهن عدالت ايوان جي ڪارروائي گهري، هي ڪير ٿيندا آهن، اسان کي همت ڪرڻي پوندي ۽ هن جمهوريت کي بچائڻو آهي، مان تجويز ڏيان ٿو ته انهن کي ٺپ جواب ڏيو ته اسان نه ڏينداسين، هاڻي چونڊ نومبر ۾ ئي ٿيندي، هي ڪير ٿيندا آهن اسان کان پڇڻ وارا، هاڻي توهين عدالت کان ڊيڄارڻ وارو دور ويو،  ايندڙ چيف جسٽس اسان جي صوبي جو آهي، ايم ڪيو ايم جي محمد ابوبڪر چيو ته مختلف وقتن ۾ سياستدانن جون آڊيو ليڪ ٿينديون رهيون ته سزائون به ملنديون رهيون، اڄ هڪ جج جي ڳالهه ٻولهه آڊيو ٽيپ جي شڪل ۾ موجود آهي، ان تي خصوصي ڪاميٽي ٺاهي وڃي،  ججن جي آڊيو ٽيپس جي فرانزڪ ڪرائي وڃي، اسان جي ۽ ججن جي پگهارن جي ڀيٽ ڪئي وڃي.پبلڪ اڪاونٽ ڪاميٽي جي چيئرمين نور عالم خان چيو ته اسان کي سپريم ڪورٽ کي ڪا به ڪارروائي نه ڏيڻ گهرجي، اسان سپريم ڪورٽ کي رڪارڊ ڏيڻ لاءِ تيار آهيون پر سپريم ڪورٽ پهريان پنهنجو رڪارڊ ڏئي، اسان سپريم ڪورٽ کان ڪنهن ڪنهن ڪيترا پلاٽ ورتا آهن بابت تفصيل گهريا آهن جيڪي نه ڏئي رهي آهي. وفاقي وزير شازيه مري چيو ته نهايت احترام سان چوان ٿي ته معزز جج پارليامينٽ جي ڪارروائي ۾ مداخلت ڪري رهيا آهن، چيف جسٽس آف پاڪستان کي پنهنجي عهدي ۽ اختيارن جو احترام ڪرڻو پوندو، پارليامينٽ جو دفاع ڪنداسين، جماعت اسلامي جي مولانا عبدالاڪبر چترالي چيو ته جماعت اسلامي جي امير سپريم ڪورٽ ۾ وڃي چيو ته چونڊن جو مامرو عدالت پارليامينٽ جي حوالي ڪري، افسوس سان اها ڳالهه چوان ٿو ته جيڪڏهن سپريم ڪورٽ مڃي وٺي ها ته ڳالهين جي نتيجي ۾ ڪو حل نڪري اچي ها، ادارا هڪ ٻئي جي سامهون اچي چڪا آهن، پاڪستان جي آئين تحت پارليامينٽ بالادست ادارو آهي، پارليامينٽ قانونسازي جو اختيار رکي ٿي اسپيڪر جا اختيار آهن.