اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ عدالتي سڌارن واري بل خلاف اسٽي آرڊر واپس وٺڻ، فل ڪورٽ جوڙڻ ۽ جسٽس مظاهر نقوي کي بينچ کان ڌار ڪرڻ واريون اپيلون رد ڪري ڇڏيون، چيف جسٽس عمر عطا بنديال رمارڪس ڏيندي چيو ته سياسي ماڻهو انصاف نه پر من پسند فيصلا چاهين ٿا، سپريم ڪورٽ جي ججز جو فيصلو عدالت جو فيصلو هوندو آهي، هر ادارو سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي عمل ڪرڻ جو پابند آهي، 7 سينيئر ججز ۽ فل ڪورٽ ٺاهڻ چيف جسٽس جو اختيار آهي. تفصيل موجب چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 8 رڪني لارجر بينچ سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ 2023ع بابت ٽن آئيني درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي، اٽارني جنرل منصور اعواڻ عدالت کي ٻڌايو ته ڪجهه ڌرين جا وڪيل وڊيو لنڪ ذريعي پيش ٿيندا، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته اها ڪا آخري ٻڌڻي ناهي سڀني کي موقعو ڏنو ويندو، عدالت جو گذريل ٻڌڻي وارو اسٽي وارو حڪم برقرار آهي هن ڪيس ۾ عدليه جي آزادي سميت ٻيا اهم نڪتا سامهون آيا آهن. چيف جسٽس چيو ته هي هڪ انوکو ڪيس آهي سپريم ڪورٽ جي اصولن بابت قانون واضح آهي سمورين ڌرين جا وڪيل لکت ۾ دليل جمع ڪرائين، رياست جي ٽئين ٿنڀ يعني عدليه کي ان قانون تي خدشا آهن، سپريم ڪورٽ عدالتي سڌارن واري بل بابت پارليامينٽ جي ڪارروائي جا تفصيل طلب ڪري ورتا، پاڪستان بار ڪائونسل جي حسن رضا پاشا سينيئر ججز کي بينچ ۾ شامل ڪرڻ جي استدعا ڪئي، حسن رضا پاشا چيو ته بينچ ۾ شامل هڪ جج خلاف 6 کان وڌيڪ ريفرنس داخل ٿي چڪا آهن، جسٽس مظاهر علي کي بينچ کان ڌار ڪيو وڃي، چيف جسٽس چيو ته ڪنهن به جج خلاف ريفرنس اچڻ جي ڪا به قانوني حيثيت نه آهي، جيستائين ريفرنس ٻڌڻيءَ لاءِ مقرر نه ٿئي ان جي ڪا به اهميت نه آهي، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ڪيس ۾ به عدالت اهو ئي فيصلو ڏنو هو ججز خلاف شڪايتون اينديون رهنديون آهن مون سميت سپريم ڪورٽ جي اڪثر ججز خلاف شڪايتون اينديون رهنديون آهن، سياسي ماڻهو انصاف نه پر من پسند فيصلا گهرندا آهن، سياسي پارٽيون من پسند فيصلن لاءِ پڪ اينڊ چوز چاهينديون آهن، سياسي معاملن عدالت جو ماحول آلوده ڪري ڇڏيو آهي، چونڊن واري ڪيس ۾ به ڪجهه ججز کي ڪڍي فل ڪورٽ ٺاهڻ جو مطالبو ڪيو ويو هو، سپريم ڪورٽ جي ججز جو فيصلو عدالت جو فيصلو هوندو آهي، هر ادارو سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي عملدرآمد جو پابند آهي سومر تي اسين ڪيس شروع ڪنداسين پوءِ سڀني معاملن جو جائزو وٺنداسين. چيف جسٽس چيو ته قانونسازي جي اختيارن بابت وفاقي فهرست جون ڪجهه حدون به آهن ان فهرست جي سيڪشن 55 جو به جائزو وٺو اها حقيقت تبديل نٿي ٿي سگهي ته آزاد عدليه آئين جو بنيادي جز آهي، الزام آهي ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو آئين جي بنيادي جز جي قانونسازي ذريعي خلاف ورزي ڪئي وئي آهي، وڪيل طارق رحيم جو چوڻ هو ته عدالتي سڌارن جو بل قانون جو حصو بڻجي چڪو آهي. چيف جسٽس جو چوڻ هو ته گذريل حڪم نامو عبوري نوعيت جو هو جمهوريت آئين جو اهم جز آهي، آزاد عدليه ۽ وفاق به آئين جا اهم جز آهن ڏسڻو آهي ته ڇا عدليه جو جز تبديل ٿي سگهي ٿو؟ عدليه جي آزادي بنيادي حق آهي.عدالت سمورين ڌرين کان لکت ۾ جواب طلب ڪندي ٻڌڻي 8 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.