دبئي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڄائي برطانوي باڪسر عامر خان تي پابندي مڙهيل دوائن جي استعمال تي ٻن سالن لاءِ پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.   پرڏيهي ميڊيا موجب عامر خان تي پابندي ڊوپنگ قانونن جي ڀڃڪڙي تي لڳائي وئي آهي. ميڊيا رپورٽن موجب سال 2022 ۾ ڪيل بروڪ سان مقابلي کانپوءِعامر خان جي ٽيسٽ ڪئي وئي هئي، جنهن ۾ عامر خان جي پابندي مڙهيل دوائن جي استعمال ڪرڻ جي ثابتي ملي آهي. اينٽي ڊوپنگ رولز تحت عامر خان ٻن سالن تائين ڪنهن به مقابلي ۾ حصو نه وٺي سگهندو. ياد رهي ته ڪيل بروڪ سان مقابلي ۾ شڪست کانپوءِ عامر خان باڪسنگ تان رٽائرمينٽ وٺي ڇڏي هئي. واضح رهي ته اوسٽارين دوا رانديگر طاقت ۾ اضافي لاءِ استعمال ڪندا آهن جيڪا ورلڊ اينٽي ڊوپنگ ايجنسي طرفان پابندي مڙهيل دوائن جي فهرست ۾ شامل آهي.