پئسن تي پرڻائڻ چاهين ٿا، انڪار تي چاچي گولي هنئي: بخشاپور جي ناريءَ جي دانهن

0
394

بخشاپور: مياڻي ٿاڻي جي حد ڳوٺ محمد نواز بڊاڻي ۾ 22 ورهين جي ناري بشيران خاتون ڌيءَ عبداللطيف بڊاڻي مٿان ڀاءُ ۽ چاچي جي مبينا تشدد ۽ گولي لڳڻ سبب زخمي ٿي پئي. ناري زخمي حالت ۾ مياڻي ٿاڻي پهچي دانهيندي چيو ته مونکي چاچو شيرل ايوب ۽ ڀاءُ نويد وڏي عمر جي ماڻهو سان نڪاح ڪرائڻ چاهين ٿا منهنجي منع ڪرڻ تي مون مٿان تشدد ڪري گولي هڻي زخمي ڪري وڌو آهي. ناري بشيران چيو ته منهنجو بابا ٻاهر رهندو آهي، منهنجو ڀاء ۽ چاچو تشدد ڪندا رهندا آهن ڪجھ ڏينهن اڳ مونکي زهر ڏيئي مارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي منهنجي امڙ مونکي بچائي ورتو سموري ڳوٺ کي خبر آهي. هن چيو ته زهر ڏئي مارڻ جي دانهن مياڻي پوليس کي ڏني پر پوليس منهنجي چاچي ۽ ڀاءُ خلاف ڪوبه ايڪشن ڪونه کنيو ۽ نه وري گرفتار ڪيو ويو آهي.