لاهور(م ڊ) اڳوڻي ناڻي واري وزير ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ شوڪت ترين چيو آهي ته موجودا حڪمرانن کي ڏکين فيصلن تي سياسي قيمت ادا ڪرڻي پوندي. لاهور ۾پريس ڪانفرنس ڪندي شوڪت ترين چيو ته ڪورونا وبا باوجود پي ٽي آءِ سرڪار ٻن سالن ۾ رڪارڊ ڪارڪردگي ڏيکاري پر مهانگائي کي جواز بڻائي اسان جي حڪومت خلاف سازش ڪئي وئي جڏهن ته موجودا حڪمرانن ڇهن مهينن ۾ 6.5 ٽريلين جو قرض ورتو آهي، جڏهن ته اسان چئن سالن ۾ 19 ٽريلين جو قرض ورتو هو. هن چيو ته ملڪ معاشي بدحالي جو شڪار آهي، سترنهن ملين ڊالر پاڪستانين ملڪ مان ڪڍي ورتا آهن، پئسا اچن نه پيا رڳو وڃي رهيا آهن. پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته سعودي ناڻي واري وزير به قرض مشروط ڪري ڇڏيو آهي، ورلڊ بئنڪ 1.1 ارب ڊالرز به روڪي ڇڏيا آهن، سڀ چئي رهيا آهن ته آءِ ايم ايف جو پروگرام سائن ڪيو. هن چيوته آءِ ايم ايف چئي رهيو آهي ته ٽئڪس لڳايو، ٽيرف وڌائڻو آهي اهووڌايو، ڊالر جي ٽي چار ريٽ ڪيئن ٿي سگهن ٿا، ڊالر 270 تائين جو آهي، ڊالر کي اوهان هٿرادو ڪنٽرول نٿا ڪري سگهو.