ٽڪ ٽاڪ پاڪستان ۾ 65 لک کان وڌيڪ وڊيوز ختم ڪري ڇڏيون

0
269
نوشهروفيروز ويجهو ٽڪ ٽاڪ

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) مشهور وڊيو ايپليڪشن ٽڪ ٽاڪ پاڪستان ۾ 6 ڏهائي 5 ملين ٽڪ ٽاڪ وڊيوز حذف ڪري ڇڏيون

ڪميونٽي گائيڊ لائنز انفورسمينٽ جي رپورٽ موجب پاڪستان دنيا جو ٽيون وڏو ملڪ آهي، جتي پهرين آڪٽوبر 2021 کان 30 ڊسمبر 2021 تائين ايڏي وڏي انگ ۾ ٽڪ ٽاڪ وڊيوز حذف ڪيون ويون

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ٽڪ ٽاڪ ڪميونٽي گائيڊ لائنز جي ڀڃڪڙي تي پاڪستان ۾ 65 لک 63 هزار کان وڌيڪ وڊيوز حذف ڪيون، جڏهن ته عالمي سطح تي 8 ڪروڙ 97 لک 94 هزار کان وڌيڪ وڊيوز حذف ٿيون