لاهور(اسپورٽس نيوز) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت لاءِ قومي اسڪواڊ اڄ 15 آڪٽوبر تي ڪرائسٽ چرچ مان برسبين روانو ٿيندو. پاڪستاني اسڪواڊ برسبين ۾ 2 وارم اپ ميچز کيڏڻ کانپوءِ 20 آڪٽوبر تي ميلبرن پهچندو جتي پاڪستان ٽورنامينٽ ۾ پنهنجي پهرين ميچ 23 آڪٽوبر تي ڀارت خلاف کيڏندو. ٻئي طرف شاهين شاهه آفريدي ۽ فخر زمان به 15 آڪٽوبر جي شام جو برسبين ۾ قومي اسڪواڊ کي جوائن ڪري وٺندا ۽ ٽيم مينٽور ميٿيو هيڊن به قومي اسڪواڊ کي جوائن ڪندو. هوڏانهن فخر زمان ري هيب ۾ سهڪار ڪرڻ تي سڀني جا ٿورا مڃيا ۽ شاهين آفريدي سان گڏ تصوير جاري ڪئي. فخر زمان پنهنجي ٽوئٽ ۾ وڌيڪ لکيو ته “هاڻي آسٽريليا ۽ ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جو وقت اچي ويو آهي.هوڏانهن فاسٽ بالر نسيم شاهه ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ بابت ٽوئٽر تي لکيو ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ! اسان اچي رهيا آهيون.