هوبارٽ(اسپورٽس نيوز) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي پهريون مرحلي جا مقابلا جاري آهن، ويسٽ انڊيز زمبابوي ۽ آئرلينڊ اسڪاٽ لينڊ کي شڪست ڏئي ڇڏي. ان سلسلي ۾ ويسٽ انڊيز ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 153 رنز ٺاهيون. جونسن چارلس 45 رنز ٺاهي نمايان رهيو. زمبابوي طرفان سڪندر رضا 4 اوورن ۾ 9 رنز ڏئي 3 وڪيٽون ورتيون. زمبابوي 18.2 اوورن ۾ 122 رنز تي ڍير ٿي وئي. لڪ جنگوي 29 رنز ٺاهي نمايان رهيو. ويسٽ انڊيز طرفان الزري جوسف 4 اوورن ۾ 16 رنز ڏئي 4 وڪيٽون ورتيون، کيس پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو. ٻي ميچ ۾ اسڪاٽ لينڊ پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 176 رنز ٺاهيون. مچل جونز 86 رنز ٺاهي نمايان رهيو. آئرلينڊ طرفان ڪرٽس ڪيمفر 2 وڪيٽون ورتيون. آئرلينڊ 19 اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي هدف پورو ڪري ورتو. ڪرٽس ڪيمفر 32 بالن تي 72 رنز جي جارحاڻي اننگ کيڏي کيس پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.