دبئي (اسپورٽس نيوز) پهريون ڀيرو ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت ڪندڙ نميبيا جي ٽيم جي آل رائونڊر ڊيوڊ ويزا جي شاندار اننگز سبب پهرين ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي. نميبينا ويزا جي 66 رنز جي اننگز جي ڪري نيڌرلينڊز کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏني. نيڌرلينڊز پهريان کيڏندي مقرر اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 164 رنز ٺاهيون، ميڪس او ڊائوڊ 70، ڪولن ايڪر 35، اسڪاٽ ايڊورڊ 21 رنز ٺاهي نمايان رهيا. نميبينا طرفان جان فرائيلنڪ 2 ۽ ڊيوڊ ويزا هڪ وڪيٽ ورتي. جواب ۾ نميبيا هدف حاصل ڪري ورتو. ڊيوڊ ويزا 40 بالن تي 4 ڇڪن ۽ 5 چوڪن جي مدد سان ناقابل شڪست 66 رنز جي اننگز کيڏي.