ٽي-20 ورلڊ ڪپ جو ميلو شروع ٿيڻ ۾ باقي 4 ڏينهن: پاڪستان جو پهريون دنگل ڀارت سان ٿيندو

0
249

ڪراچي(رپورٽ: صدام ڪولاچي) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جو ميلو شروع ٿيڻ ۾ باقي 4 ڏينهن رهجي ويا، 17 آڪٽوبر کان ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جو پهريون مرحلو شروع ٿيندو.

پهرين مرحلي ۾ 8 ٽيمون گروپ ميچز کيڏنديون، جنهن ۾ 4 ٽيمون ٻئي مرحلي لاءِ ڪواليفاءِ ڪنديون، 17 آڪٽوبر تي گروپ ميچز جي پهرين ميچ عمان ۽ پاپوا نيوگني ۾ کيڏي ويندي. ٻي طرف انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي انعامي رقم جو اعلان ڪيو آهي،  فاتح ٽيم کي 16 لک ڊالرز ملندا، رنر اپ 8 لک جڏهن ته سيمي فائنل ۾ شڪست کائيندڙ ٽيمون چار چار لک ڊالرز جون حقدار هونديون.

ٽيمن وچ ۾ گروپ ميچز کٽڻ جي رقم ڌار هوندي، جيڪڏهن پاڪستاني ٽيم گروپ ۾ ناقابل شڪست رهي ورلڊ ڪپ کٽي ٿي ته 22 ڪروڙ رپيا ڪمائيندي. ٻئي پاسي پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جون تياريون جاري آهن، پاڪستاني اسڪواڊ ڪالهه لاهور جي ايس سي سي اي گرائونڊ ۾ سيناريو ميچ کيڏي. قومي ڪرڪيٽر اڄ ارام ڪندا، جڏهن ته ٻي سينياريو ميچ خميس تي قذافي اسٽيڊيم ۾ ٿيندي، پاڪستاني اسڪواڊ 15 آڪٽوبر تي گڏيل عرب امارات روانو ٿيندو. واضح رهي ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 17 آڪٽوبر کان گڏيل عرب امارات ۽ عمان ۾ شروع ٿيندو، پاڪستان پنهنجي پهرين ميچ روايتي مخالف ڀارت خلاف کيڏندو.

آءِ سي سي موجب پاڪستان پنهنجي ٻي ميچ 26 آڪٽوبر تي نيوزيلينڊ خلاف کيڏندو، پاڪستاني رانديگر پنهنجي ٽئين ميچ 29 آڪٽوبر تي افغانستان کيڏندا. ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جا سيمي فائنل 10 ۽ 11 نومبر تي کيڏيا ويندا، جڏهن ته ٽورنامينٽ جو فائنل 14 نومبر تي شيڊول آهي.

ھي به پڙھندا

روئڻ پٽڻ کان بهتر آهي ته دنيا کي ڏيکاريون اسان زنده قوم آهيون: وسيم/ وقار