ٽي-20 ورلڊ ڪپ: افغان ٽيم دبئي پهچي وئي

0
262

دبئي(اسپورٽس نيوز) آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت لاءِ افغانستان ڪرڪيٽ ٽيم دبئي پهچي وئي آهي. افغانستان ڪرڪيٽ ٽيم دوحا ۾ 6 ڏينهن ترسڻ بعد دبئي پهتي آهي، دوحا ۾ افغان ٽيم قرنطينه دوران ٽريننگ به ڪئي.  افغان ڪرڪيٽ ٽيم ورلڊ ڪپ جي شروعات ڏکڻ آفريڪا خلاف ميچ سان ڪندي، ٻنهي ٽيمن وچ ۾ 18 آڪٽوبر تي وارم اپ ميچ ۾ مقابلو ٿيندو. واضح رهي ته ڪابل تي طالبان جي قبضي بعد افغانستان ڪرڪيٽ بورڊ بحران جي ور چڙهي ويو آهي.