لاهور(اسپورٽس نيوز) آءِ سي سي ٽي 20 ورلڊ ڪپ لاءِ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪٽ تيار ڪئي وئي آهي. پي سي بي پاران نئين ڪٽ جي رونمائي ڪئي وئي، نئين ڪٽ جو نالو ٿنڊر رکيو ويو آهي. ڪٽ جو مهورت ڪپتان بابراعظم ڪيو، وڊيو ۾ شاداب خان، نسيم شاهه، ڪائنات امتياز ۽ فاطمه ثنا به موجود آهن جن کي ڪٽ پاتل آهي ورلڊ ڪپ 16 آڪٽوبر کان 13 نومبر تائين آسٽريليا ۾ ٿيندو. پاڪستان پنهنجي پهرين ميچ ڀارت خلاف 23 آڪٽوبر تي کيڏندي.