ٽي-20ورلڊ ڪپ جو ميلو شروع:هڪ ٽرافيءَ لاءِ 16 ٽيمن ۾ جنگ: افتتاحي تقريب ۾ ثقافتي رنگ نروار

0
328

دبئي (اسپورٽس نيوز) آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ گڏيل عرب امارتن ۽ عمان ۾ شروع ٿي ويو. ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي پهرئين مرحلي ۾ 6 ڪواليفائرز ۽ رينڪنگ تي موجود نائين ۽ ڏهين نمبر جون ٽيمون بنگلاديش ۽ سريلنڪا شريڪ ٿينديون.17

کان 22 آڪٽوبر تائين جاري رهندڙ ان مرحلي ۾ 4 ٽيمون ٻين ٽاپ 8 ٽيمن کي سپر 12 ۾ جوائن ڪنديون ۽ سپر 12 مقابلا 23 آڪٽوبر کان شروع ٿيندا. ميگا ايونٽ ۾ ويسٽ انڊين ٽيم ٽائيٽل جو دفاع ڪندي،

جڏهن ته ٻيون ٽيمون به ٽرافي کٽڻ لاءِ پرعزم آهن.اهي مقابلا ايندڙ چئن هفتن تائين جاري رهندا ۽ 14 نومبر تي چيمپيئن جو فيصلو ٿيندو. ميگا ايونٽ ۾ قومي ٽيم پنهنجي پهرين ميچ روايتي مخالف ڀارت خلاف 24 آڪٽوبر تي کيڏندي.

ٻئي پاسي ميگا ايونٽ جي افتتاحي تقريب عمان جي شهر مسقط ۾ ٿي، جنهن ۾ مختلف ٽيمن جي ڪپتان، بورڊز جي سربراهن ۽ ٻين شرڪت ڪئي.