ٽي پي ڪئنال کولڻ تي اعتراض ڪندڙن کي 91ع وارو ٺاهه پڙهڻ گهرجي:فرخ حبيب/حليم عادل

0
619

سلام آباد (بيورو رپورٽ) ٽي پي ڪئنال کولڻ تي اعتراض ڪندڙن کي 91ع وارو ٺاهه پڙهڻ گهرجي، ٺاهه ۾ اجازت مليل آهي ته صوبا پنهنجي حصي جو پاڻي ڪٿان به کڻي سگهن ٿا، پنجاب ٽي پي ڪئنال مان حصي جو پاڻي کنيو آهي، ٻئي ڪنهن صوبي جي هق تي ڌاڙي جو سوچي به نٿا سگهون، پنجاب جي آبپاشي جي مملڪتي وزير فرخ حبيب ۽ حليم عادل شيخ سان گڏ پريس ڪانفرنس، محسن لغاري چيو آهي ته پاڻي جي نگراني لاءِ غيرجانبدار مبصر مقرر ڪيو وڃي ته مسئلو حل ٿي ويندو، اسان کي هڪٻئي خلاف نفرتون پيدا نه ڪرڻ گهرجن، پنجاب 22 ۽ سنڌ 17 سيڪڙو کوٽ ڀوڳي رهيو آهي، حليم عادل شيخ چيو آهي ته پاڻي جي ٽيڪنيڪل مسئلي کي گهڻو سياسي بڻايو ويو آهي، جون جي پهرئين هفتي ۾ پاڻي مسئلو گهڻي حد تائين حل ٿي ويندو، وزيراعظم واضح ڪيو آهي ته پاڻي مامري تي ڪنهن سان به زيادتي نه ٿيندي.