اسلام آباد (بيورو رپورٽ ) ڪالعدم ٽي ٽي پي سان ڳالهين وارو مامرو سينيٽ ۾ پهچي ويو، جماعت اسلامي جي مشتاق  احمد چيو آھي ته ٽي ٽي پي سان ڳالهيون مڪمل ٿيڻ بعد پارليامينٽ سامهون آڻڻ جو ڪهڙو فائدو؟ ڇا پاليامينٽ اڳوٺي ڇاپ ۽ رٻڙ اسٽيمپ آھي؟ پيپلزپارٽي جي ميان رضارباني چيو ته ٽي ٽي پي سان ڳالهين بعد معاهدو پارليامينٽ آيو ته ان ۾ ڪابه ترميم نه ٿي سگهندي، ٽي ٽي پي سان ڳالهين بابت پارليامينٽ جو ان ڪيمرا اجلاس طلب ڪيو وڃي، ٻڌايو وڃي ته ڪهڙن شرطن تي ڳالهيون ٿي رهيون آھن. سينٽ جي اجلاس ۾ جماعت اسلامي جي مشتاق احمد چيو ته طالبان سان ڳالهين بابت وزير اعظم جي صدارت ۾ هڪ ڏينهن اڳ اجلاس ٿيو آھي، اجلاس ۾ ڪجھه سياسي پارٽين جي قيادت هئي، سڀني کي شرڪت جي دعوت نه ڏني وئي، ٽي ٽي پي سان ڳالهين بابت فيصلا ڪيا ويا، ٻڌايو وڃي ته ڪهڙي ڪاميٽي جو اجلاس هو، جيڪڏهن قومي سلامتي بابت پارلياماني ڪاميٽي جو اجلاس هو ته آئون ان جو ميمبر آھيا پر مونکي نه گهرايو ويو، جيڪڏهن پارلياماني ڪاميٽي جو اجلاس نه هو ته پارليامينٽ ڪٿي بيٺل آھي؟ ڳالهيون مڪمل ٿيڻ بعد پارليامينٽ ۾ مامرو آندو ويندو، ميان رضارباني چيو ته علي وزير جي پروڊڪشن آڊر جاري ڪرڻ لاءِ لکيو، حيرت آھي ته طالبان سان ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون پر اسيمبلي ميمبر کي اسيمبلي نٿو آڻي سگهجي، قانون جي وزير اعظم نذير تارڙ چيو ته وزير اعظم واضح ڪيو آھي ته طالبان سان ڳالهيون آئين تحت ٿينديون، طالبان سان ڳالهيون پارليامينٽ جي مشاورت سان ٿينديون پارليامينٽ ان عمل ۾ شريڪ ٿيندي، نواز ليگ جي عرفان صديقي چيو ته طالبان سان ڳالهيون اڍائي مهينن کان شروع نه ٿيون آھن، اڳوڻي حڪومت کان طالبان سان ڳالهيون هلي رهيون آھن، معلوم نه آھي ته ڳالهيون ڪيئن شروع ٿيون ۽ ڪنهن وچم ٿي رهيون آھن، طالبان سان ڳالهيون ڳجهون رکڻ جي حق ۾ نه آھيون اها اسان جي پاليسي نه آھي.