ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ فائنل: انگلينڊ جو ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو

0
238

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جو مها دنگل شروع ٿي ويو آھي، انگلينڊ ٽاس کٽي پهرين فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو، ٻنھي ٽيمن پاران ڪا بھ تبديلي ناھي ڪئي وئي، ٽي ٽوئنٽي فارميٽ ۾ انگلينڊ کي پاڪستان تي نفسياتي برتري حاصل آھي

هيل تائين ٿيل 28 مئچز مان انگلينڊ 18 مئچز کٽي چڪو آهي، پاڪستان کي 9 مئچز ۾ فتح نصيب ٿي، هڪ مئچ بنا نتيجي ختم ٿي

 

پاڪستان 1992ع ۾ ون ڊي ميچ فارميٽ جي ورلڊ ڪپ واري فائينل ۾ انگلينڊ کي شڪست ڏني هئي ، ٻنهي ٽيمن جا ڪپتان فائينل جي دنگل ۾ فتح لاءِ پرعزم آھن

ٽي ٽوينٽي ورلڊ ڪپ جي فائينل کان اڳ ميلبورن جي گرائونڊ تي رنگارنگ تقريب ٿي، آسٽريليا ۽ ٻين ملڪن جي فنڪارن پاران سرن جي ورکا، اسٽيڊيم ۾ موجود مداح گيتن تي جهومندا رهيا

 

مها دنگل شروع ٿيڻ کان اڳ ميلبورن جي روڊن تي پاڪستاني مداحن جون جهمريون، پاڪستان زنده باد جا نعرا، مداحن جو چوڻ آهي ته پاڪستان 1992ع واري تاريخ ضرور  ورجائيندو