گيلونگ(اسپورٽس نيوز) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جو پهريون مرحلي جا مقابلا جاري آهن. سريلنڪا نيڌرلينڊ کي 16 رنز، يو اي اِي نميبيا کي 7 رنز تان شڪست ڏئي ڇڏي. ان سلسلي ۾ سريلنڪا ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 162 رنز ٺاهيون. ڪوسل مينڊس 79 رنز جي شاندار اننگز کيڏي. نيڌرلينڊ طرفان پال وين ميڪرن ۽ بيس ڊي ليڊ 2-2 وڪيٽون ورتيون. نيڌرلينڊ مقرر 20 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 146 رنز ٺاهي سگهي. ميڪس او دائود 71 رنز ٺاهي نمايان رهيو، سريلنڪا طرفان هسارنگا ڊي سلوا 3 ۽ مهيش ٿيڪشانا 2 وڪيٽون ورتيون. ڪوسل مينڊس کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو. ٻي ميچ ۾ يو اي اِي نميبيا کي 7 رنز تان هارائي ڇڏيو. يو اي اِي پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي 148 رنز ٺاهيون. محمد وسيم 50 ۽ ڪپتان رضوان 43 رنز ٺاهي نمايان رهيا. نميبيا مقرر 20 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 141 رنز ٺاهي سگهي. ڊيوڊ وائيس 55 رنز ٺاهي نمايان رهيو. يو اي اِي طرفان باسل حميد ۽ ظهور خان 2-2 رانديگرن کي پويلين موڪليو. محمد وسيم کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.