اسلام آباد (اسپورٽس نيوز) پاڪستاني ڪرڪيٽر ڪامران اڪمل چيو آهي ته قومي ٽيم جي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ اسڪواڊ ۾ منهنجي جاءِ نٿي ٺهي. ڪشمير پريميئر ليگ جي فرنچائز باغ اسٽالينز جي آئيڪن پليئر ڪامران اڪمل ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪي پي ايل ليگ لاءِ ڪرڪيٽ جا شوقين پرجوش نظر اچي رهيا آهن، ڪي پي ايل جو سوچو آهي، هن ايونٽ ۾ سٺي ڪرڪيٽ کيڏي ٽورنامينٽ جي معيار کي بهتر ڪرڻو آهي. هن چيو ته هر اننگز ۾ 70، 80 رنسون ٺاهڻ سولو ناهي هوندو ڇاڪاڻ ته ڪرڪيٽ ڳالهين سان ناهي کيڏي ويندي، سٺي ڪرڪيٽ کيڏڻ لاءِ گرائونڊ ۾ محنت گهربل هوندي آهي. وڪيٽ ڪيپر بيٽر چيو ته آسٽريليا ۾ رٿيل ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ بابت ناهي سوچو، عالمي ڪپ جي اسڪواڊ ۾ منهنجي جاءِ نٿي ٺهي، هن فارميٽ ۾ رضوان جي جاءِ ڪو به والاري نٿو سگهي، هاڻ جيڪڏهن ڪو وڪيٽ ڪيپر بيٽر ٽي ٽوئنٽي کيڏندو ته اسپيشلسٽ بيٽر طور ئي کيڏندو. ڪامران اڪمل وڌيڪ چيو ته ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ ۾ ياري دوستي تي اسڪواڊ نه چونڊي وڃي، آسٽريلوي ڪنڊيشنز جي لحاظ سان ۽ ميرٽ جي بنياد تي ٽيم جي چونڊ ٿيڻ گهرجي.