هوبارٽ(اسپورٽس نيوز) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ اسڪاٽ لينڊ ويسٽ انڊيز کي اپ سيٽ شڪست ڏئي ڇڏي، زمبابوي آئرلينڊ کي 31 رنز تان هارائي ڇڏيو. ان سلسلي ۾ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي ٽئين ميچ ۾ اسڪاٽ لينڊ پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 160 رنز ٺاهيون. جورج منسي 66 رنز ٺاهي نمايان رهيو. ويسٽ انڊيز طرفان الزري جوسف ۽ جيسن هولڊر 2-2 وڪيٽون ورتيون. ويسٽ انڊيز 18.3 اوورن ۾ 118 رنز تي ڍير ٿي وئي. جيسن هولڊر 38 رنز ٺاهي نمايان رهيو. اسڪاٽ لينڊ طرفان مارڪ ويٽ 3، بريڊ ويل ۽ مچل ليسڪ 2-2 وڪيٽون ورتيون. جورج منسي کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.  ايونٽ جي چوٿين ميچ ۾ زمبابوي آئرلينڊ کي 31 رنز تان شڪست ڏئي ڇڏي. زمبابوي پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 174 رنز ٺاهيون. سڪندر رضا 42 بالن تي 82 رنز جي شاندار اننگز کيڏي نمايان رهيو. آئرلينڊ طرفان جوش لٽل 3، مارڪ ايڊيئر ۽ سمي سنگهه 2-2 وڪيٽون ورتيون. آئرلينڊ مقرر 20 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 143 رنز ٺاهي سگهي. ڪرسٽس ڪمفر 27 رنز ٺاهي نمايان رهيو. زمبابوي طرفان بليسن مزرباني 3، رچرڊ اينگاراوا ۽ ٽيندائي چتارا 2-2 وڪيٽون ورتيون. سڪندر رضا کي 82 رنز ٺاهڻ ۽ هڪ وڪيٽ وٺڻ تي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.