دبئي(اسپورٽس نيوز) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪونسل (آءِ سي سي) ٽي ٽوئنٽي پليئرز جي رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي. آءِ سي سي طرفان جاري ڪيل رينڪنگ موجب پاڪستان جي محمد رضوان جي ٽي ٽوئنٽي بيٽرز ۾ پهرين پوزيشن برقرار آهي ۽ رضوان جون رينڪنگ پوائنٽس 853 مان وڌي 861 ٿي ويون. آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي رينڪنگ ۾ ڀارت جو سوريا ڪمار ياديو ٻئي نمبر تي برقرار آهي جڏهن ته پاڪستان جو ڪپتان بابراعظم ٽئين نمبر تي موجود آهي. ٽي ٽوئنٽي بالرن ۾ آسٽريليا جو جوش هيزل ووڊ جي پهرين پوزيشن ۽ افغانستان جي راشد خان جو ٻيو نمبر برقرار آهي. سريلنڪا جو وانندو هسارنگا ٽئين نمبر تي اچي ويو آهي ۽ ڏکڻ آفريڪا جو تبريز شمسي چوٿين نمبر تي هليو ويو جڏهن ته رينڪنگ ۾ هارث رئوف جو 14 ۽ شاداب خان جو 15 هون نمبر آهي. آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي آل رائونڊرز جي رينڪنگ ۾ شڪيب الحسن پهرين نمبر تي اچي ويو محمد نبي ٻئي نمبر تي آهي.