اسلام آباد (بيورو رپورٽ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٻن مختلف بلن تي صحيح ڪري انهن جي منظوري ڏئي ڇڏي، جنهن کان پوءِ پارليامينٽ پاران منظور ٿيل اهي ٻئي بل قانون جي صورت اختيار ڪري  ويا آهن، انهن بلن ۾ميڊيا تائين ملڪ اندر ٻوڙن ماڻهن جي رسائي جو ايپ 2022ع شامل آهي، ان ايڪٽ جي لاڳو ٿيڻ جي 6 مهينن اندر ڪنهن سرڪاري توڙي نجي اليڪٽرانڪ ميڊيا، ڪيبل ٽي وي تي سائن لينگئيج ترجمان سان گڏ نيوز بليٽن هلائڻ لازمي هوندو، هڪ سال کان پوءِ ميڊيا تي سائن لينگئيج ترجمان کانسواءِ ڪنهن به پروگرام، انٽرٽينمينٽ، اشتهار، ٽاڪ شو، ڊراما، فلم يا ڪو به تصويري پروگرام هلائڻ جي اجازت نه هوندي، ايوان صدر جي ترجمان موجب سرڪاري ۽ نجي ميڊيا هائوسز کي هن قانون جي لاڳو ٿيڻ جي 6 مهينن اندر ان تي  عملدرآمد لاءِ سائن لينگئيج ترجمان مقرر ڪرڻا پوندا، هي قانون پوري پاڪستان تي لاڳو ٿيندو، جڏهن ته صدر پاران ڪوڊ آف ڪرمنل پروسيجر ايڪٽ ۾ ترميم جو بل 2022ع جي به منظوري ڏني آهي، جنهن ترميمي بل ذريعي سيڪشن 195 ترميم ڪئي وئي آهي.