ٽي جاڙيون ۽ هم شڪل ڀينرون هڪ ئي نوجوان سان شادي جون خواهشمند

0
626

نيروبي(انٽرسٽنگ نيوز) ڪينيا ۾ ٽي جاڙيون ۽ هم شڪل ڀينرون هڪ ئي نوجوان کي دل ڏئي ويٺيون آهن ۽ ساڻس شادي جون خواهشمند آهن. ان واقعي سان ڪينيا ۾ نئون بحث شروع ٿي ويو آهي. ڪيٽ، ايوا ۽ ميري ٽي جاڙيون ڀينرون آهن، ۽ ڪامريڊ ٽرپلٽس سڏرائينديون آهن. ڪينيا جي خابرو ادارن ۽ سوشل ميڊيا تي اڄ ڪلهه انهن ڀينرن ۽ نوجوان جون ڳالهيون بحث هيٺ آهن

انهن ٽنهي ڀينرن هڪ ئي نوجوان سان لاڳاپن جو به اعتراف ڪيو آهي ۽ ان نوجوان جو نالو اسٽيوو ٻڌايو ويو آهي. ايستائين جو ٽنهي ڀينرن اهو به طئي ڪري ڇڏيو آهي ته انهن مان ڪهڙي ڏينهن ڪهڙي ان نوجوان سان ڳالهائيندي يا ملاقات ڪندي. انهن جو چوڻ آهي ته ملاقات جو وقت طئي ڪرڻ سان هو چارئي خوش ٿين ٿا ۽ ائين اسٽيو هر هڪ کي وقت ڏئي رهيو آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته ٽن ڀينرن مان پهرين ڪيٽ نوجوان سان دوستي ڪئي، ان جو ذڪر ڀيڻ سان ڪيائين ته ان ئي وقت ميري به ان ڇوڪر کي پسند ڪري ورتو ۽ پوءِ ٽين ڀيڻ ڪيئن پوئتي رهي ها، ان به کيس پسند ڪرڻ جو اظهار ڪيو

نارين موجب سومر اڱارو ۽ اربع تي ٽئي ڀينرو ڌار ڌار ملڻ وينديون آهن. ٻئي پاسي نوجوان اسٽيو به هڪ کان وڌيڪ زالون رکڻ جو شوقين نڪري پيو آهي، هن چيو ته آئون هميشه وفادار ۽ ايماندار رهڻ جي ڪوشش ڪندس. جڏهن مون پهرين گرل فرينڊ کي هڪ کان وڌيڪ شادين جي خواهش ٻڌائي ته اها مون کي ڇڏي هلي وئي  پر هاڻي ڪيٽ، ايوا ۽ ميري مون سان محبت ڪن ٿيون, ٻئي پاسي ٽنهي ڀينرن ۽ نوجوان جي شادي جي ڳالهه ناهي شروع ٿي پر ٽئي ڀينرون ان سان شادي ڪرڻ جو چئي رهيون آهن