حيدرآباد:  ٽي ايم سي حسين آباد جي يونين ڪميٽي نمبر 136 جي وارڊ نمبر 3 تي پيپلزپارٽي جي ڌرمون ولد وارشنگ جنرل سيٽ تي فارم ڀرايو آهي. سندس سامهون به ڪنهن اميدوار فارم ناهي ڀرايو ان ڪري ڄاڻايل اميدوار جي بنا مقابلي ڪاميابي  جا چٽا امڪان آهن. ڄاڻايل ٽي ايم سي جي يونين ڪميٽي 135 جي وارڊ نمبر 4 تي ايم ڪيو ايم پاڪستان جي حسيب ولد نديم اختر جي جنرل ميمبر جي سيٽ تي ڪاميابي جا امڪان آهن جو سندس سامهون به ڪنهن اميدوار نامزدگي فارم داخل نه ڪرايا آهن. حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن جي مختلف ٽائونز جي مختلف يونين ڪميٽين جي چيئرمين، وائيس چيئرمين ۽ ڪائونسلرن جي چونڊ لاءِ مختلف جماعتن جي اميدوارن ۾ سخت مقابلي جا امڪان آهن.