ڪراچي: ٽي ايل پي جي امير مولانا سعد حسين رضوي جي گرفتاري خلاف ڪراچي جي مختلف هنڌن تي مظاهرا ڪيا ويا، جن ۾ نمائش چورنگي، مين ٽاور، اسٽارگيٽ، اورنگي ٽائون، پاور هائوس چورنگي، بلديه 4 نمبر، نيو ڪراچي، بلال ڪالوني، ڪورنگي ۽ ٻيسا علائقا شامل آهن. اورنگي ٽائون ۾ پوليس موبائيل تي پٿراءَ ڪيو ويو، بلديه 4 نمبر ۾ زبردستي دڪان بند ڪرايا ويا، مظاهرن دوران روڊ بند ڪيا ويا ۽ ٽريفڪ جام ٿي وئي. امن امان جي صورتحال سبب پوليس جي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي.