ٽيڪنڪ ۽ ٽيڪنالاجي جو فلسفو

0
284
ٽيڪنڪ ۽ ٽيڪنالاجي جو فلسفو

 ڇا ارتقا جي سفر ۾انسان جو  چوپائي جانور مان ٻن پيرن وارو ماڻهو بڻجڻ جو سبب ٽيڪنڪ هئي؟ اهو خيال سڀ کان پهرين جرمن فلسفي اوسوالڊ اپينگلر ڏنو هو جنهن پنهنجي ڪتاب ماڻهو ۽ ٽيڪنڪ ۾ انسان جي ٽيڪنڪ ۽ ٽيڪنالاجي سان رشتن جو فلفسيانه تجزيو ڪيو هو

“ماڻهو ڇا آهي ۽  هُو ماڻهو ڪيئن بڻيو هو؟

                 اسپينگلرماڻهو جي ارتقا کي ڊارون جي ٿيوري کان ڪافي هٽي ڪري ڏسي ٿو. هن جي خيال ۾ ماڻهو تباهي جي پيداوار آهي.جڏهن ماڻهو يا جانور کي تباهه ڪن صورتحال کي منهن ڏيڻو پوندو آهي ته ان وقت يا ته هو پاڻ ۾ تبديلي آڻي تباهه ڪن صورتحال جو مقابلو ڪندو آهي جي نه ته  هو ختم ٿي ويندو آهي.  هُن جي خيال ۾اهڙي ئي هڪ صورتحال  اسانکي چوپائي جانور مان ٻن پيرن وارو ماڻهو بڻايو هو.ماڻهو جو ٻن پيرن تي بيهي باقي ٻن پيرن کي هٿن ۾ بدلائڻ کي هوهڪ ٽيڪنڪ سڏي ٿوجيڪا اڄ تائين فقظ انسان جي مقدر ۾ آئي آهي. نئين صلاحيت سان ماڻهو هڪ ئي وقت ٻه عمل ڪري سگهيو ٿي. هاڻي هو ٻن پيرن تي ڊوڙي ۽ ٻن هٿن سان تير ۽ ڀالا هڻي پاڻ کان خطرناڪ جانورن کي مات ڪري سگهيو ٿي.خطرناڪ جانورن کان پاڻ کي بچائڻ کان علاوه ماڻهو ٻن هٿن سان ڪافي اوزار ٺاهيا هئا جيڪي هن دنيا کي نئين انداز سان تخليق ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيا هئا.

اسان جو ڪو به عمل ٽيڪنڪ ۽ ٽيڪنالاجي کان ڌار نه آهي. اسان جا مذهبي ۽ اخلاقي قدر، ثقافت ۽ تهذيب ، ٻولي ۽ سياست سڀني جا بنياد انهن تي بيٺل آهن ۽ جيئن جيئن  انهن ۾ تبديلي اچي رهي آهي تيئن ئي اسان جي پيداواري، سماجي، اخلاقي، قانوني ۽ سياسي رشتن ۾ پڻ بدلاءُ اچي رهيو آهي. سماجي فلسفي ليوس ممفرڊ جي خيال ۾ ٻولي به هڪ ٽيڪنڪ آهي جنهن ماڻهن کي ٻين جانورن کان الڳ ڪرڻ ۾ مدد ڪئي هئي. هو ٻولي کي وسيع معنيٰ ۾ ڏسندو هو جنهن ۾ پٿرن ۽ غارن جي ديوارن تي چٽيل شڪليون پڻ شامل آهن.

اسان عام طور ٽيڪنڪ ۽ ٽيڪنالاجي کي هڪ ئي معنيٰ ۾ وٺندا  آهيون پر انهن جا انسان جي ارتقا ۽ فلسفي تي الڳ الڳ اثر آهن . ڪتاب ماڻهو ۽ ٽيڪنڪ جي مهاڳ ۾ لارس هولگر ٽيڪنڪ کي هنن لفظن ۾ بيان ڪري ٿو “ٽيڪنڪ ڪا شئي نه آهي ۽ نه وري ڪو پروسيجر آهي. اهو هڪ رستو آهي جنهن وسيلي ڪو ماڻهو يا جانورپاڻ کي پنهنجي موجود ماحول ۾ اپنائي ٿو…… ٽيڪنڪ کي سمجهڻ سان اسان ماڻهن ۽ جانورن جي  پنهنجي پنهنجي مخصوص حالتن ۾ انهن جي ارتقا جي مختلف شڪلين ۽ سرگرمين کي سمجهي سگهون ٿا” ڪتاب ۾ اسپينگلر ٽيڪنڪ کي هنن لفظن ۾ سمجهائي ٿو“جيڪڏهن اسان  ٽيڪنڪ جي جوهر  کي سمجهڻ چاهيون ٿا ته پوءِ اسان کي ان غلط فهمي مان نڪرڻو پوندو ته مشينون ۽ اوزار ٽيڪنڪ جو مقصد آهن….ٽيڪنڪ مشينن ۽ اوزارن کان تمام گهڻي پراڻي آهي…اها ماڻهو جي تخليق کان به پراڻي آهي”

ٽيڪنالاجي يوناني ٻولي جي لفظ ٽيڪني مان نڪتي آهي جنهن جي معنيٰ فن، هنر يا دستڪاري آهي. ٽيڪنالاجي جو تعلق انجنيئرنگ سان آهي جنهن کي استعمال ڪري ماڻهو لکين سالن کان پاڻ کي موسمي سختين، قدرتي آفتن ۽ خوفناڪ جانورن کان بچائڻ سان گڏ زندگي کي آسان بڻائي رهيا آهن. ٽيڪنالاجي اسان وٽ راتو رات اوچتو نروار نه ٿي آهي پر اها صدين جي محنت ۽ جدوجهد جو نتيجو آهي. ٽيڪنالاجي عمل سان گڏ اسان کي پنهنجي شعبي ۾ مهارت سيکاري ٿي. سيگمنڊ فرائيڊ جي بقول  “ٽيڪنالاجي اسان کي  تهذيب جون اعليٰ منزلون ماڻڻ ۾ مدد ڪندي آهي. جڏهن اسان جي وڏن سمجهيو ته ڌرتي تي موجود ذخيرن کي ٽيڪنالاجي وسيلي استعمال ڪري ماڻهن کي  قدرتي آفتن کان محفوظ بڻائي سگهجي ٿو ته پوءِ ڇو نه  هر شئي جيڪا اسان کي فائدو ڏي ان کي قابو ڪجي. نديون جيڪي پهرين ٻوڏ آڻي گهرن ۽ فصلن کي ٻوڙينديون هيون انهن تي بند ٻڌي پاڻي جي وهڪري کي قابو ڪري اوڏانهن موڙيو ويو جتي پاڻي جي ضرورت هئي. معدنياتي دولت کي ڌرتي جي تهه مان ڪڍي پهاڻ کي رڪ ۾ بدلائي ان مان هر ۽ ٻيا ضروري اوزار ٺاهيا هئا…”

ٽيڪنالاجي جا ڪافي منفي پهلو به آهن جن تي ليوس ممفرڊ پنهنجي ڪتاب“مشين جي ڏند ڪٿا”۾ فلسفيانه بحث ڪيو  آهي.هن جي خيال ۾ جديد ٽيڪنالاجي جي ڪابه انتها نه آهي. اها ماحوليات کي تباهه ڪري رهي آهي. پهرين جيڪي اسان جي پيئڻ جي پاڻي جا شفاف قدرتي ذريعا هئا سي هاڻي زهرآلود ڪيا پيا وڃن. سمنڊن ۾ خطرناڪ ڪيميائي ۽ ائٽمي فضلا ڦٽي ڪيا پيا وڃن جيڪي  انساني وجود لاءِ خطري جو سبب بڻجي سگهن ٿا. هو ٽيڪنالاجي جي منفي پهلو جو هڪ انوکو مثال ڏي ٿو. هو اسان کي پئسن يا ڪرنسي جي نقصارڪار اثرن کان آگاهه ڪري ٿو. ٿوري دير جي لاءِ سوچيون ته جيڪڏهن ڪرنسي، ڪريڊٽ ڪارڊ ۽ بئنڪون نه هجن ها ته امير  اربن کربن جي دولت ڪٿي رکن ها؟ هو ايتري وڏي رقم مان اناج يا ٻئي ڪنهن جنس جو ذخيرو نه ڪري سگهن ها. ٽيڪنالاجي انهن اميرن کي سهوليت ۽ ترغيب فراهم ڪئي آهي ته هو ڪيئن وڌ کان وڌ دولت نه صرف ڪمائين پر هو انهن کي ٻين ماڻهن جي نظر کان لڪائي به سگهن ۽ جڏهن چاهين ۽ جتي چاهين  موڪلي سگهن.

جرمن فلسفي مارٽن هائيڊيگر  ٽيڪنالاجي جي فلسفي تي ڪافي اهم خيالن کي پيش ڪيو هو. هُن جي خيال ۾ اسان ٽيڪنالاجي جي پاڻ تي مثبت ۽ منفي اثرن تي سوچيون. جڏهن جرمني ۾ نسل پرست نازي پارٽي زور پڪڙي رهي هئي تڏهن ريڊيو نئين ايجاد هئي جنهن کي نازي پارٽي منفي پروپئگنڊه لاءِ استعمال ڪري ماڻهن کي نسل پرستي ڏانهن ڌڪيو هو. اهو سوال اسان کي اڄ پڻ پڇڻ گهرجي تي ڇا اسان ٽيڪنالاجي جي ڪري منفي يڪجهتي ڏانهن ته نه وڃي رهيا آهيون؟ ٻي عالمي جنگ جي تباھه ڪارين خاص ڪري هيروشيما ۽ ناگاساڪي تي آمريڪي ائٽمي بمن جي تباهه ڪاري هُن کي ان چوڻ تي مجبور ڪيو هو ته هاڻي خدا ئي اسان کي بچائي سگهي ٿو.