اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيٽر رضا رباني چيو آهي ته ٽيڪنوڪريٽ نظام ملڪ ۾ عدم استحڪام آڻيندو. پنهنجي هڪ بيان ۾ رضا رباني چيو ته ڊگھي عرصي تائين نگران ٽيڪنوڪريٽ حڪومت جي مزاحمت ڪنداسين. هن چيو ته نگران ٽيڪنوڪريٽ حڪومت جون ڳالهيون آئين جي خلاف آهن، حڪومتي ادارا اهڙي غير آئيني نظام جي تجويز ڏيڻ کان پاسو ڪن. هن چيو ته ٽيڪنوڪريٽ نظام ملڪ ۾ عدم استحڪام آڻيندو، وقت اچي ويو آهي ته پاڪستان کي ليبارٽري طور استعمال نه ڪريون.