اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قانون جي وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ ٽيڪنوڪريٽ سيٽ اپ کي غير آئيني قرار ڏنو آهي، جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو آهي ته آئين ۾ ٽيڪنوڪريٽ حڪومت جي ڪائي گنجائش ناهي، آئين واضح آهي جيڪڏهن وقت کان پهريان اسيمبليون ٽوڙيون وڃن ته 90 ڏينهن جڏهن ته اسيمبليون مدت پوري ڪن ته 60 ڏينهن ۾ چونڊون ٿيڻيون آهن، هن چيو ته اسيمبليون ٽوڙيون وڃن يا مدت پوري ڪن ان کان پوءِ نگران حڪومت قائم ٿيندي، نگران حڪومت کان سواءِ آئين ۾ ٻي ڪا گنجائش ناهي، اعظم نذير تارڙ چيو ته ٽيڪنوڪريٽس جي حڪومت ڪنهن جي خواهش ٿي سگهي ٿي پر ائين عملي طور ممڪن ناهي، ملڪ ۾ ڊگهي مدت وارو نگران سيٽ اپ ۽ معاشي ايمرجنسي جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن، ملڪ اندر معيشت لاءِ قدم آئين اندر رهي کڻي سگهجن ٿا، ملڪ ۾ چونڊيل حڪومت موجود آهي، جيڪا چيلينجن سان منهن ڏئي سگهي ٿي، باقي ڪنهن جي خواهش يا سوچ تي پابندي نه ٿي لڳائي سگهجي.