ٽيڪنوڪريٽ حڪومت ۽ ڊيفالٽ جون ڳالهيون

0
189
عالمي ڏينهن تي پورهيتن پچار

ملڪ جنهن صورتحال ۾ ڦاسي چڪو آهي اهڙي صورتحال شايد ئي ملڪي تاريخ ۾ ڪڏهن پيدا ٿي هجي.هڪ پاسي اڳوڻا حڪمران اها ڳالهه ڪري رهيا آهن ته ملڪ ڊيفالٽ طرف وڌي رهيو آهي ۽ حالتون سريلنڪا جهڙيون ٿيڻ وڃن پيون ته ٻئي طرف هاڻوڪو ناڻي وارو وزير بار بار اها دعويٰ ڪري رهيو آهي ته ملڪ ڪڏهن به ڪنهن به صورت ۾ ڊيفالٽ نه ڪندو،جڏهن ته انهي صورتحال ۾ وري ٽيڪنوڪريٽ حڪومت قائم ٿيڻ جون ڳالهيون به گردش ۾ آهن.انهن ۾ ڪيتري حقيقت ۽ ڪيتري سچائي آهي اها ته الڳ ڳالهه آهي پر اهڙين ڳالهين جو هر حال ۾ ملڪي معيشت تي اثر پوڻ اڻٽر آهي جنهن سان رهندو  معيشت جي حالت وڌيڪ خراب ٿيندي. ڇاڪاڻ ته جڏهن غير يقيني ۽ سياسي عدم استحڪام جي صورتحال هجي اتي اهڙيون ڳالهيون انهي غير يقيني کي وڌيڪ هٿي ڏين ٿيون جنهن سان ٻاهرين سيڙپ جا دروازا بند ٿي سگهن  ٿا ته  وري دوست ملڪن مان مدد جو آسرو ختم ٿي سگهي  ٿو، ڇاڪاڻ ته ڪير به سياسي عدم استحڪام دوران اڳتي اچي اوهان جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار نه ٿيندو تنهن ڪري جيڪڏهن هن ملڪ کي هن حالت مان ڪڍڻو آهي ته ان جو واحد رستو اهو سياسي استحڪام يا سياسي تسلسل آهي جيڪو پيدا ڪرڻو پوندو.

ناڻي واري وزير جي پريس ڪانفرنس کي ٻڌي ايئن لڳي رهيو آهي ته ڪي سياسي ڌريون پنهنجي مخصوص مفادن لاءِ هٿ سان اهڙيون ڳالهيون ڇڏي رهيون آهن ته جيئن اهو تاثر قائم ٿئي ته ملڪ ڊيفالٽ طرف وڃي رهيو آهي.ناڻي واري وزير جي ڳالهين مان ته اهو به تاثر ملي ٿو اهي سياسي ڌريون پنهنجي سياسي مخالفت سبب ملڪ جي مستقبل سان کيڏڻ کان به نه ٿيون مڙن. ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته سستي سياست لاءِ ملڪ کي نقصان پهچايو پيو وڃي، پاڪستان ڀنور ۾ ڦاٿل آهي، جنهن مان ڪڍڻ لاءِ ڪوششون ڪريون پيا،  هن چيو ته ٽن مهينن کان مون ناڻي وزير طور ذميواري سنڀالي آهي، روز ٻڌون ٿا ته پاڪستان ڊفالٽ ڪري ويندو، آئون چوان ٿو ته پاڪستان جي ڊفالٽ ڪرڻ جو ڪو امڪان ناهي، پاڪستان ڪيئن ڊفالٽ ٿيندو؟  ها مشڪل صورتحال ضرور آهي، جنهن کي  اسان ڪنٽرول ڪنداسين، اسان جو مسئلو اهو آهي ته اسان پنهنجن ننڍن سياسي مقصدن لاءِ ملڪ کي نقصان پهچائي رهيا آهيون، ڪنهن به اسرندڙ ملڪ ۾ اهو نظر نه ٿو اچي جو اتان جا ماڻهو هر وقت اهو راڳ آلاپين ته مشڪل ۾ آهيون يا ڊفالٽ ڪرڻ وارا آهيون، اها اسان جي بدقسمتي آهي،اسان پنهنجا  دشمن پاڻ آهيون.هوڏانهن مخالف ڌر جي وڏي پارٽي جو سربراهه وري اهڙيون حالتون هوندي به حڪومت سان ڪنهن به قسم جي ميثاق معيشت تي ڳالهين لاءِ تيار ناهي جڏهن ته هو اهو به خدشو ظاهر ڪري رهيو آهي ته ٽيڪنوڪريٽ حڪومت آڻڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن جنهن جي نه رڳو مخالفت پر مزاحمت به ڪنداسين.

اسان سمجهون ٿا ته  حڪومت ۽ مخالف ڌر جي ڳالهين مان ئي لڳي ٿو ته معاشي حالتون انتهائي خراب آهن جن جي سڌارو ٻنهي ڌرين جي گڏ ويهڻ کانسواءِ ممڪن ناهي جڏهن ته بدقسمتي سان مخالف ڌر ڪنهن به ريت حڪومت سان معيشت جي مسئلي تي گڏ ويهڻ لاءِ تيار ناهي ته حڪومت وري انهي سڄي صورتحال جو ذميوار به انهي مخالف ڌر کي سمجهي ٿي جيڪا ڄاڻي واڻي اهڙيون ڳالهيون پکيڙي غير يقيني واري صورتحال کي هٿي ڏئي ٿي.اهڙي صورتحال جو نقصان ملڪ ۽ عوام جو ٿي رهيو آهي،مهانگائي عوام کان جيئڻ جا رستا بند ڪري رهي آهي ته خراب معاشي صورتحال سبب ملڪ جو ڪاروهنوار به مفلوج لڳو پيو آهي جنهن ڪري ئي ڪجهه ڌرين کي ٽيڪنوڪريٽ حڪومت جهڙا شوشا ڇڏڻ جو موقعو ملي ٿو. اهو سڀ ڪجهه سياسي عدم استحڪام سبب ٿي رهيو آهي  تنهن ڪري حڪومت ۽ مخالف ڌر کي گهرجي ته ميثاق معيشت لاءِ گڏجي ويهن ته جيئن غير يقيني جي صورتحال ختم ٿئي، ملڪ جي ڊيفالٽ ٿيڻ جي افواهن ۽ ٽيڪنوڪريٽ حڪومت جي شوشن آڏو بند ٻڌي سگهجي.