ٽيڪنالاجي جنگين کي بدلائي رهي آهي

0
774
هڪ-بهتر-سنڌ-جي-اڏاوت-جو-موقعو

ٽيڪنالاجي جتي زندگي جي هر شعبي کي بدلائي ڇڏيو آهي، اتي جنگ جا ميدان به ٽيڪنالاجي جي ترقي سبب تيز رفتاري سان بدلجي رهيا آهن. در حقيقت هاڻي ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي ايندڙ دور جي جنگين ۾ فيصلائتو ڪردار ادا ڪندي. انٽرنيٽ ۽ ڪمپيوٽر جي دور ۾ جنگ جا روايتي طور طريقا ڪارائتا ناهن رهيا. هاڻي جنگي صلاحيت جو گهڻو دارومدار ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ جي جنگي استعمال تي آهي. هاڻي جنگيون سائيبر وار ۾ تبديل ٿي چڪيون آهن. ڪجهه ڏينهن اڳ مون فريڊ ڪپلان جو پنج سال اڳ لکيل ڪتاب ڊارڪ ٽيرٽري Dark territoryپڙهيو جنهن ۾ سائيبر وار جي تاريخ ۽ واقعن بابت اکيون کوليندڙ حوالا ڏنل آهن. اهي حوالا پڙهڻ سان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سائيبر وار ڪيترو پيچيده عمل آهي، ان ڪتاب مان ڪجهه واقعا هتي حوالي طور ڏجن ٿا.
چوٿين جون 1983ع تي صدر ريگن ڪيمپ ڊيوڊ ۾ آرام ڪري رهيو هو رات جي ماني کانپوءِ هڪ فلم ڏسڻ ويٺو جنگي راندين بابت ان فلم۾ ميٿيو بروڊرڪ ٽيڪنالاجي ۾ تيز نوجوان بنا ارادي نارٿ آمريڪن ايئرواسپيس ڊفينس ڪمانڊ(NORAD) جي مکيه ڪمپيوٽر کي هيڪ ڪري وٺي ٿو. کيس لڳي ٿو ته هو ڪا ڪمپيوٽر گيم کيڏي رهيو آهي،پر ايئن ڪندي هو ذري گهٽ ٽين مهاڀاري لڙائي ڇيڙڻ تائين وڃي ٿو پڄي. ٻئي ڏينهن ريگن سرڪاري گڏجاڻيون ۽ ڪم ڪار ڪندو ٿو رهي پر کانئس اها فلم نه ٿي وسري. هڪ گڏجاڻي دوران ريگن جوائنٽ چيفس جي چيئرمين جنرل جان ويسي کان پڇيو ته ڇا سچ پچ ۾ ايئن ممڪن آهي ته ڪير اسان جي انتهائي حساس ڪمپيوٽر ۾ ايئن گهڙي وڃي، ويسي کيس وراڻيو ته هو جاچ لهي ٻڌائيندو. هڪ هفتي کان پوءِ جنرل ويسي وائيٽ هائوس ۾ ريگن سان ملاقات ۾ کيس ٻڌايو ته فلم ۾ ڏيکاريل جنگي راند جو سين نه رڳو ممڪن آهي پر صدر صاحب اهو مسئلو اوهان جي سوچ کان به وڌيڪ سنگين آهي. ان جي موٽ ۾ صدر پاران پندرنهن مهينن تائين گڏجاڻيون ، ريسرچ ۽ سوچ ويچار جاري رهيو ۽ آخرڪار 17 سيپٽمبر 1984ع تي هڪ ڳجهي قومي سيڪيورٽي حڪمنامي هيٺ “نيشنل پاليسي آن ٽيليڪميونيڪشن اينڊ آٽو ميٽيڊ انفرميشن سسٽم سيڪيورٽي” جاري ڪئي وئي.
ان دور ۾ اڃان دنيا ۾ پهريون ليپ ٽاپ ڪمپيوٽر مس مارڪيٽ ۾ آيو هو ۽ اڃان عوامي واهپي واري انٽرنيٽ سروس اچڻ ۾ ڪجهه سال باقي هئا، ريگن جو اهو قدم پهريون ڀيرو وائيٽ هائوس پاران جاري ڪيل حڪنامو هو. جنهن عمل کي اڳتي هلي سائيبر جنگ Cybere war fare جو نالو ڏنو ويو، بش جي دور ۾ جڏهن نائين اليون واقعو ٿيو تڏهن به وائيٽ هائوس ۾ سائيبر وار تي ڪم هلندو رهيو. بارڪ اوباما جي دور ۾ سائيبر وار دفاع واري بجيٽ جي انهن شعبن مان هڪ هئي جنهن لاءِ وڌيڪ وسيلا رکيا ويا. 2009ع ۾ اوباما دور ۾ سيڪريٽري آف ڊفينس رابرٽ گيٽس الڳ سان سائيبر ڪمانڊ جو بنياد وڌو. پهرين ٽن سالن دوران سائيبر ڪمانڊ جي بجيٽ 2.7 ارب ڊالرن مان ٽيڻي ٿي 7 ارب ڊالرن تائين پهتي. ان ڪمانڊ هيٺ عملي جو انگ 900 مان وڌي 4000 تائين پهتو.
نيشنل سيڪيورٽي ايجنسي جي سربراهه مڪ ڪونيل هڪ ٻي مووي به ڏٺي جنهن جو نالو هو Sneakers .ان مووي ۾ سائيبر وار بابت هڪ ڪردار چوي ٿو “دنيا هاڻي هٿيارن، پئسي يا توانائي تي نه پئي هلي. اها هاڻي هڪ ۽ ٻڙي ۽ ڪجهه ڊيٽا بائٽس تي هلائي پئي وڃي. اهو اليڪٽرانس جو معاملو آهي. ان جو واسطو هاڻي ان سان آهي ته ڪنهن وٽ ڪيتري ڄاڻ آهي.” 13 آڪٽوبر 1997ع تي صدارتي ڪميشن اهم انفرا اسٽرڪچر جي حفاظت بابت 154 صفحن تي ٻڌل تفصيلي رپورٽ جاري ڪئي. ان رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو هو ته جيئن نيوڪليئر زماني ۾ ڊگهي رينج وارن هٿيارن سبب اسان کي پنهنجي سيڪيورٽي بابت مختلف انداز ۾ سوچڻو پيو. هاڻي اليڪٽرانڪ انفرميشن جي دور ۾ اسان کي پنهنجي سيڪيورٽي لاءِ نوان طريقا ايجاد ڪرڻا پوندا.
15 آگسٽ 1995ع تي آمريڪا پاران 609 ايئر انفرميشن وارفيئر اسڪواڊرن ، ڏکڻ ڪيرولينا جي شا ايئرفورس اڏي تي قائم ڪيو ويو. ان جو اسڪواڊرن ڪمانڊر رهوڊس کي مقرر ڪيو ويو. فيبروري 1997ع ۾ ان اسڪواڊرن پاران بليو فيلگ مشق رکي وئي. مشق موجب هڪ عملي کي حملي آور طور انفرميشن وار فيئر حملو ڪرڻو هو ۽ بچاءَ واري عملي کي اهو ناڪام بڻائڻو هو. بچاءَ واري ڌر ، حملي آور ڌر جا پاس ورڊ هيڪ ڪري ورتا. جنهن سان غلط حڪم جاري ڪيا ويا ۽ اڏام دوران جيٽ جهازن کي تيل فراهم ڪندڙ ٽينڪر جهازن جي اڏام جا روٽ تبديل ڪيا ويا. اهڙي ريت فائيٽر جهاز حملي ڪرڻ کان اڳ ٻارڻ وڃائي ويٺا. اها ته مشق هئي پر جيڪڏهن اهو عمل حقيقت ۾ ٿئي ته آمريڪي هوائي فورس جي سڄي رٿا زيان ٿي پئي سگهي. پائليٽن کي غلط حڪم جاري ٿين ها ۽ اهي ڪمانڊ ڪنٽرول جي ابتڙ هلن ها، ايئن آمريڪي ايئرفورس کي اندازو ٿيو ته سائيبر وار ۾ ساڻن ڇا ٿي سگهي ٿو.
آگسٽ 1990ع ۾ عراقي صدر صدام حسين ڪويت مٿان هلان ڪئي، آمريڪا ان اڳرائي خلاف عراق کي سبق سيکارڻ جو فيصلو ڪيو ۽ آپريشن ڊيزرٽ اسٽارم شروع ڪيو ويو. حملي کان اڳ آمريڪي انٽيليجنس کي صدام جي جنگي صلاحيت بابت محدود ڄاڻ هئي. آمريڪي انٽيليجنس ستت ان بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ شروع ڪئي. ان ڪم جي نگراني ايدمرل جان مائيڪ مڪ ڪونيل ڪري رهيو هو. مڪ ڪونيل ستت اها ڄاڻ حاصل ڪري ورتي ته صدام بغداد کان بصري تائين فائيبر آپٽڪ ڪيبل وڇائي چڪو هو. آمريڪا اها ڪيبل لڳائيندڙ ڪمپني سان رابطو ڪري ان جي سوئچنگ سسٽم جي جاءِ بابت پتو لهي ورتو. جڏهن آمريڪا بمباري شروع ڪئي ته سڀ کان پهرين ان سوئچنگ سسٽم کي نشانو بنايو ويو. صدام متبادل طور رابطي لاءِ مائيڪرو ويو نيٽ ورڪ جو استعمال شروع ڪري ڏنو. ان جو اندازو آمريڪا کي اڳ ئي هو ۽ هنن سيٽ لائيٽ جي مدد سان ان نظام وسيلي ٿيندڙ رابطن کي جهٽڻ شروع ڪري ڏنو. آمريڪي جنرلن کي پل پل جي ڄاڻ ملي رهي هئي ته صدام ۽ سندس جنرل ڪهڙي رٿا بندي ڪري رهيا آهن ۽ سندن فوجون ڪٿي چرپر ڪري رهيون آهن. آمريڪي انٽيليجنس عراق کي روس کان مليل اينٽي ايئر ڪرافٽ ميزائيلن وارو ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سسٽم ۽ ايئر ڊفينس ريڊار جو سرشتو به ناڪاره بنائي ڇڏيو. ايئن صدام ڪجهه ڏينهن ۾ گوڏا وڃي کوڙيا.
ڇهين سيپٽمبر تي اڌرات ڌاري اسرائيلي ايف 15 جنگي جهازن شام ۾ نيوڪليئر ري ايڪٽر مٿان لامارا ڏيڻ لڳا. اهو نيوڪليئر ري ايڪٽر اتر ڪوريا جي مدد سان اڏاوت هيٺ هو. اسرائيلي جهازن ليزر جي رهنمائي سان بمن ۽ ميزائيلن وسيلي اهو ري ايڪٽر تباهه ڪري ڇڏيو. شام جو صدربشرالاسد پريشان ٿي ويو ۽ ان ڪامياب حملي بابت ڪجهه به پڌرو ڪرڻ بجاءَ ماٺ اختيار ڪيائين. اسد کي اهو سمجهه ۾ نه ٿي آيو ته ڪجهه مهينا اڳ سندس جنرلن روس جي مدد سان هوائي بچاءَ وارو نظام لڳايو هو. عملي کي ان جي سکيا به ڏني وئي ۽ عملو ان رات گولان جي پهاڙين جي ڇڪتاڻ سبب چوڪس به هو، پر ڪنهن کي به راڊار جي اسڪرين تي حملي آور جهاز نظر نه آيا. داراصل اسرائيل حملي کان اڳ شام جي هوائي بچاءَ واري ريڊار سسٽم کي هيڪ ڪري چڪو هو. اسرائيل ، آمريڪا جي مدد سان ٺاهيل هڪ ڪمپيوٽر پرگرام جي مدد سان اهو هيڪ ڪيو. ان هيڪنگ سان راڊار کي ناڪاره نه بنايو ويو پر ريڊار آپريٽر جي اسڪرين ۽ راڊار جي معلومات موڪلڻ واري ڊيٽا جو ڳانڍاپو ختم ڪيو ويو. ريڊار کي ناڪاره نه بنائڻ سان شام کي اهو اندازو نه ٿيو ته ڪا گڙٻڙ ٿي رهي آهي. ان قسم جي هيڪنگ ٽيڪنالاجي جو نهايت چالاڪي وارواستعمال هو.
هي ته سائيبر جنگ بابت ڪجهه حوالا آهن، جڏهن ته ٽيڪنالاجي هاڻي جنگ کي گهڻ پاسائون ڪري ڇڏيو آهي. ياد رهي ته سائيبر وار رڳو ڪمپيوٽرن مان ڊيٽا چورائڻ يا بئنڪن مان پئسا منتقل ڪرڻ تائين محدود ناهي. ان جنگ جو دائرو بينڪن ، اسٽاڪ ايڪسچينج ، ٽرانسپورٽ، سگنل سسٽم ، شهري هوابازي اسپتالن سميت زندگي جي هر شعبي ۾ پکڙيل آهي. هن وقت اسريل دنيا جو سمورو جنگي نظام به ڪمپيوٽر وسيلي ڪنٽرول ٿئي ٿو. ڊورن، ميزائيل ۽ اسلحي جا ڊيپو سڀ جا سڀ ڪمپيوٽر وسيلي ڪنٽرول ٿين ٿا.
رڳو شهري هوابازي جو مثال کڻو. هن وقت دنيا ۾ پوڻا ٽي کان ٽي لک جهاز روزانو اڏامن ٿا. انهن جهازن ۾ روزانو 60 لک کن مسافر سفر ڪن ٿا ۽ هر وقت پنج لک کن مسافر اڏامن ۾ رهن ٿا. لنڊن جي ٽيوب سروس کي روزانو ويهه لک ماڻهو استعمال ڪن ٿا. 2019ع ۾ رڳو آمريڪا اندر 40 ارب ڊالرن جو ڪاروبار ڪريڊٽ ڪارڊ وسيلي ڪيو ويو، هن وقت آمريڪا ۾ هڪ ارب کان وڌيڪ ماڻهو ڪريڊٽ ڪارڊ استعمال ڪن ٿا. هن وقت لڳ ڀڳ هڪ سئو ملڪن جي فوجن وٽ ڊرون موجود آهن جن جو انگ 21 هزارن جي لڳ ڀڳ ٻڌايو وڃي ٿو.
اهو سمورو ڪاروهنوار ڪمپيوٽرن وسيلي ڪنٽرول ٿئي ٿو، هڪ گهڙي لاءِ سوچيو جيڪڏهن اهي سمورا شعبا هلائيندڙ مختلف ڪمپيوٽر ڪنهن ٻئي جي اختيار هيٺ اچي وڃن جيڪو ڪنهن ملڪ جا ميزائيل ۽ ڊرون مرضي سان اڏائي سگهي، ڪنهن ملڪ جي جهازن جي اڏام تي قبضوڪري وٺي، ڪنهن ملڪ جي ٽرينن کي هزارين ميل پريان ويهي ڪنٽرول ڪرڻ لڳي يا بئنڪن جي ڏيتي ليتي کي پنهنجي ڪنٽرول ۾آڻي ڇڏي ته ڇا اهو ڪم ڪنهن ڀيانڪ جنگ کان گهٽ ڀوائتو هوندو؟ بمن ۽ ميزائيل ٺاهڻ لاءِ ته وڏا ڪارخانا گهرجن پر انهن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ته هڪ ڪمرو ۽ هڪ ڪمپيوٽر گهرجي .
ايئن سائيبر وار ۽ ٽيڪنالاجي جو استعمال جنگين جي شڪل ۽ طريقي کي بدلائي رهيو آهي.