ڪراچي: تعليم واري وزير سردار شاھ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ترميمي سرڪاري بل 2022 ع متعارف ڪرايو. بل ۾ لفظ گورنمينٽ کي تبديل ڪري وڏو وزير شامل ڪيو ويو آهي. سردار شاهه چيو ته بورڊ ۾ 19 گريڊ جي آفيسر جي مقرري کاتو ڪندو آهي، ان کان مٿي گريڊ ۾مقرري چيف سيڪريٽري ۽ ان کان مٿي وڏو وزير ڪندو آهي،52 سالن کانپوءِ بورڊ جي 1970 واري قانون ۾ ترميم ڪئي پئي وڃي، هن چيو ته سنڌ ۾ ڪيريڪولم ڪميشن سميت سسٽم کي اپ گريڊ ۽ ريگوليٽ ڪيو ويندو. اپوزيشن کي ويهاري بريفنگ ڏني ويندي، جنهن بعد  وڌيڪ قانون سازي ڪئي ويندي، ايوان اتفاق راءِ سان ترميم منظور ڪري ورتي.