ٽينس اسٽار سيرينا وليمز رٽائرمينٽ جو اشارو ڏئي ڇڏيو

0
656
ٽينس اسٽار سيرينا وليمز

واشنگٽن(اسپورٽس نيوز) 40 سالن جي سريلنا وليمز چيو آهي ته مان ٽينس ڇڏي ضروري شئين ڏانهن وڌڻ چاهيان ٿي. امريڪي ٽينس اسٽار چيو ته فوري طور تي رٽائر نه ٿي رهي آهيان

بلڪ آگسٽ ۾ شيڊول يو ايس اوپن کيڏڻ لاءِ پراميد آهيان جڏهن ته ايندڙ هفتي شيڊيول ويسٽرن اينڊ سدرن اوپن جو به حصو بڻجڻ چاهيان ٿي. هن چيو ته ان ڳالهه جو تصور ڪرڻ ئي منهنجي لاءِ گهڻو ڏکيو هيو

مان راند کي ڇڏڻ نه پئي چاهيان پر مان هاڻي پنهنجي خاندان ۽ ڪاروبار تي ڌيان ڏيڻ چاهيان ٿي. آمريڪي ٽينس اسٽار سرينا وليمز وڌيڪ چيو ته مان هاڻي پنهنجي مڙس ۽ 5 سالن جي ڌيءُ سان گڏ گهڻو وقت گذارڻ چاهيان ٿي جڏهن ته مان هاڻي هڪ ٻئي ٻار جي خواهشمند به آهيان