لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان جي سينيئر ڪرڪيٽر شعيب ملڪ قومي ٽيم ۾ واپسي لاءِ پريڪٽس شروع ڪري ڇڏي. شعيب پي ايس ايل ۾ بهترين ڪارڪردگي سان پنهنجو ڪيس مضبوط بنائڻ چاهي ٿو. دبئي مان واپسي کان پوءِ شعيب ملڪ هن وقت هڪ ٽي وي شو لاءِ ڪراچي ۾ موجود آهي. شعيب ٽريننگ به جاري رکي آهي، کيس گذريل سال انگلينڊ جي دوري کان پوءِ قومي ٽيم کان ڊراب ڪيو ويو هو. شعيب ملڪ همت ناهي هاري ۽ قومي ٽيم ۾ واپسي جي لاءِ پرعزم آهي، هن ايندڙ مهيني ڪراچي ۾ شيڊول پي ايس ايل ۾ بهترين ڪارڪردگي سان  اختيارين جو ڌيان پنهنجي طرف ڪرائڻ جو ارادو ڪري ڇڏيو آهي. ڏکڻ آفريڪا ۽ زمبابوي جي خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ مڊل آرڊر بيٽنگ ۾ پاڪستان جو هر تجربو ناڪام رهيو هو. ڀارت ۾ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کي نظر ۾ رکندي اڳوڻا رانديگر به شعيب ملڪ جي واپسي جا حامي نظر آيا هئا.