لاهور (اسپورٽس نيوز) ٽيم مان لاڳيتو نيڪالي ڏنل قومي ڪرڪيٽر ۽ مڊل آرڊر بيٽسمين عمر اڪمل چيو آهي ته هو ڪرڪيٽ کيڏڻ چاهي ٿو پر کيس نظرانداز ڪيو پيو وڃي. خانگي ٽي وي چينل ۾ انٽرويو دوران عمر اڪمل پي سي بي چيئرمين رميز راجا کي ملاقات جي درخواست به ڪري ڇڏي. انٽرويو ۾ هن انڪشاف ڪيو ته هو کيڏڻ چاهي ٿو پر ٽيم انتظاميا کيس لاڳيتو بنا ڪنهن سبب جي نظرانداز ڪري رهي آهي، هن چيو ته چيئرمين رميز راجا سان “ڪجهه شين” تي ڳالهائڻو آهي. ياد رهي ته عمر اڪمل کي 2020ع ۾ سمورين ڪرڪيٽ سرگرمين کان بورڊ روڪي ڇڏيو هو ۽ 2021ع ۾ ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ جي اجازت ڏني وئي. کيس پي ايس ايل ۾ اسپاٽ فڪسنگ جو اطلاع نه ڏيڻ تي معطل ڪيو ويو هو، جنهن جي هو معافي به وٺي چڪو آهي.