برسبين(اسپورٽس نيوز)فاسٽ بالر شاهين آفريدي چيو آهي ته 2 مهينن کانپوءِ گرائونڊ تي اچي سٺو محسوس ڪري رهيو آهيان. آءِ سي سي سان ڳالهائيندي شاهين چيو ته پهريون ڀيرو انجرڊ ٿيس، ٽيم کان پري ۽ اڪيلو رهڻ ڏکيو هو، اهو سوچيندو رهيس ته مونکي واپس اچڻو آهي. شاهين آفريدي چيو ته نيوزيلينڊ ۽ انگلينڊ جي سيريز مس ڪئي پر هاڻي ڪافي پرجوش آهيان. واضح رهي ته انگلينڊ خلاف وارم اپ ميچ ۾ شاهين آفريدي قومي ٽيم ۾ شامل هو ۽ هن 2 اوورن ڪرايا، 7 رنز ڏنيون، وڪيٽ وٺڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيو.