اسلام آباد(بيورورپورٽ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ورلڊ ڪپ سيمي فائنل ۾ پهچڻ تي صدر عارف علوي، وزيراعظم شهباز شريف خوشي جو اظهار ڪيو آهي. ٽوئيٽر تي ن ليگ جي تصديق ٿيل اڪائونٽ تان وزيراعظم جو پراڻو بيان شيئر ڪيو ويو، جنهن ۾ هن زمبابوي هٿان شڪست تي زمبابوي جي صدر کي چيو هو ته اسان وٽ اصلي مسٽر بين ته ناهي پر ڪرڪيٽ جو اصل جذبو ضرور آهي، اسان کي پاڪستان ڏکيائين مان ڪڍڻ جي عادت آهي. ن ليگ جي اڪائونٽ تان قومي ٽيم جي سيمي فائنل ۾ پهچڻ تي ٽوئيٽ ڪيو ويو ته وزيراعظم اڳ ئي چيو هو، جواب ۾ وزيراعظم کلندي چيو ته دل جي گهرائين سان يقين آهي ته اسان نه رڳو ڪرڪيٽ پر ٻين شعبن ۾ به پنهنجو مقام حاصل ڪنداسين. هوڏانهن صدر عارف علوي به ٽوئيٽ ڪندي چيو ته تمام سٺو! غير معمولي باصلاحيت، خوش قسمت پاڪستاني، الله جو شڪر آهي ته اسان سيمي فائنل ۾ پهچي وياسين. هن چيو الله ٿو ڄاڻي ته اسان کي بيچيني جي حالتن ۾ ان خوشخبري جي سخت ضرورت هئي، انشاءَالله اسان کٽينداسين.