ڪراچي(م ڊ) اپريل 2022 ۾ پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ ٽيڪس جي شرح ۾ واڌ جي نتيجي ۾ 30 جون 2022 تائين ٽيلي ڪام ۽ انٽرنيٽ سروس واهپيدارن ڊيوٽيز ۽ ليويز جي مد ۾ 100 ارب رپيا کان وڌيڪ ادا ڪيا. رپورٽ موجب مالي سال 2021-22 دروان ٽيلي ڪام شعبي قومي ناڻي ۾ 3 کرب 25 ارب 20 ڪروڙ جمع ڪرايا جڏهن ته هڪ سال اڳ 2 کرب 25 ارب 80 ڪروڙ رپيا جمع ٿيا.مالي سال 2021 جي دوران نون واهپيدارن جو انگ 10 ڪروڙ کان وڌي 11 ڪروڙ 87 لک تائين پهتو جيڪو 16 سيڪڙو واڌ کي ظاهر ڪري ٿو. انگن اکرن موجب ٽيلي ڪام شعبي 2 ارب 7 ڪروڙ ڊالر سيڙپڪاري ۽ 2 کرب 22 ارب 70 ڪروڙ رپيا ٽيڪس جڏهن ته نيڪسٽ جنريشن موبائيل سروسز (اين جي ايم  ايس) جي نيلامي ۽ لائسنس ٺاهڻ جي مد ۾ هڪ کرب 2 ارب 50 ڪروڙ رپيا ادا ڪيا.