اسلام آباد  (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٽيريان ڪيس ۾ عمران خان کي نااهل قرار ڏيڻ جي درخواست کي ٻڌڻ جوڳو هجڻ يا رد ڪرڻ بابت فيصلو محفوظ ڪري ورتو. پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان تي ٽيريان نالي ڌيءَ کي ظاهر نه ڪرڻ جي الزام هيٺ کيس نا اهل قرار ڏيڻ جي درخواست تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي. درخواستگذار محمد ساجد جو وڪيل حامد علي شاهه پيش ٿيو. درخواستگذار چيو ته عمران خان اليڪشن ڪميشن ۾ ڏنل حلفي بيان ۾ پنهنجي ڌيءُ جو نالو ظاهر ناهي ڪيو. پبلڪ آفيس هولڊر ئي آهي ته عمران خان بطور پارٽي سربراهه نٿو رهي سگهي. عمران خان جي نااهلي لاءِ سموريون حقيقتون پٽيشن ۾ لکيل آهن. هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس چيو ته اڃا تائين ڪنهن به رڪارڊ موجب عمران خان نه انڪار ڪيو آهي ۽ نه ئي وري ڪجهه مڃيو آهي. اڃا تائين عدالت اها پٽيشن ٻڌڻ جوڳي هجڻ جي حوالي سان ٻڌي رهي آهي. عمران خان جي وڪيل عمران خان طرفان جمع ڪرايل حلفي بيان پڙهيو ۽ چيو ته عمران خان بشريٰ بي بي، قاسم خان ۽ سلمان خان جو ذڪر حلفي بيان ۾ ڪيو. عمران خان چيو ته 2 پٽ پنهنجي ماءُ سان گڏ رهندا آهن ۽ اهي فنانشلي ڪفالت هيٺ نه آهن. ٽيريان جي اڃا تائين شادي ناهي ٿي اسلامڪ لا تحت اها ڪفالت هيٺ هوندي آهي. پٽيشنر جي وڪيل حامد علي شاهه اسلامڪ لا جا حوالا ڏنا ۽ چيو ته سمورا فتاوي چون ٿا ته ڌيءَ پيءُ جي ڪفالت هيٺ هوندي. عدالت پڇاڻو ڪيو ته جيڪڏهن حلفي بيان غلط هو ته پوءِ ڇا ٿيندو.؟ وڪيل حامد علي شاهه چيو پوءِ نااهل ٿي ويندو. اسان پٽيشن ۾ ڊي اين اي جو ناهي، عدالت پڇاڻو ڪيو ته اليڪشن ڪميشن جو ان حوالي سان ڪهڙو موقف آهي؟ ان تي اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو ته ماضي ۾ ثبوت نه هجڻ جي آڌار تي اهڙي قسم جون درخواستون رد ٿي چڪيون آهن. چيف جسٽس چيو ته اها درخواست اسان صرف ٻڌڻ جوڳي هجڻ جي حد تائين ٻڌي آهي. جيڪڏهن ٻڌڻ جوڳي هوندي ته ڪيس اڳيان هلندو ۽ نه هوندي ته ڪيس ختم ٿي ويندو. جنهن کان پوءِ عدالت عمران خلاف نااهلي ڪيس ٻڌڻ جوڳو هجڻ يا نه هجڻ بابت فيصلو محفوظ ڪري ورتو.