ٽوڪيو (اسپورٽس نيوز) جاپان ۾ ڪورونا وائرس جا ڪيس وڌڻ کانپوءِ اولمپڪ مقابلا بنا تماشائين جي ڪرائڻ جو فيصلو ٿيو آهي. جاپاني ميڊيا موجب 26 جولاءِ کان شروع ٿيندڙ اولمپڪ مقابلن ۾ تماشائي نه ايندا. ميڊيا رپورٽس موجب ڪورونا وائرس جا ڪيس تيزي سان وڌي رهيا آهن، جنهن سبب ڪنهن به وقت جاپان جي راڄڌاني ٽوڪيو ۾ ايمرجنسي لاڳو ٿي سگهي ٿي ۽ اها ايمرجنسي اولمپڪ جي خاتمي تائين جاري رهي سگهي ٿي. واضح رهي ته گذريل ڏينهن ٽوڪيو ۾ ڪورونا جا 920 ڪيس رپورٽ ٿيا هئا، جيڪي گذريل 2 مهينن جي حساب سان وڌيڪ تصور ڪيا پيا وڃن.