ٽول پلازه جي پرچيءَ جو پڇاڻو

0
312
ٽول پلازه جي پرچيءَ جو پڇاڻو

  هن ملڪ جي ماڻهن کي نه اوهان جي بسڪوٽن جي ڪوالٽي تي اعتراض آهي نه ئي وري شادي هالن جي ڪاروبار سان هنن جو ڪجهه اچي وڃي ٿو، نه ئي مهانگين رهائشي اسڪيمن تي نظر اٿن نه ئي وري نيشنل لاجسٽ سيل جي ايئر ڪنڊيشن ٽرالرن تي هنن جي اک ٿي ٻڏي. ڪڏهن ڪڏهن ٽول پلازه وٽان گذرندي جڏهن هي ٽيڪس ڏيندا آهن ته مڙئي چپ ڀيڙي هلڪي چيخ سان چوندا آهن مار ڪا پوين، نه بيڪري جو ڪاروبار ٿا ڇڏين نه سي اين جي ۽ پيٽرول پمپ نه شادي هال نه ڪنسٽرڪشن نه اسٽيٽ جو ڪاروبار نه ئي وري ٽول پلازه جي پرچي جي پچر ٿا ڇڏين.

 آخر سڀ ڪاوربار  هنن کي ئي ڪرڻا آهن ته عام ماڻهو روڊ ٻهارڻ جو ڪم ڪندو يا اهو ڪم به خدائي خلق  کي نه ملندو.هن ملڪ جا ماڻهو ٽول پلازه جي پرچي جي پڇاڻي تائين ئي محدود آهن ڇاڪاڻ ماڻهن ويچارن کي ڀلا ڪهڙي خبر ته ڪراچي ۾ حد دخليون هٽائڻ جي عدالتي فيصلي کان پوءِ گجر نالي جي صفائي جو ٺيڪو به انهن وٽ آهي جن سدائين ملڪ ۾ جمهوري حڪومتن جا هٿ جي صفائي سان اختتام ڪيا آهن ۽ مارشل لائن جي انيڪ زرد موسمن ۾ اهڙو ته سياسي گند ڦهلايو آهي جو هي ملڪ درست دڳ تي چڙهڻ جو نالو ئي نٿو وٺي.

ڀلا اسان جي پاڙي ۾ رهندڙ ماسي ڦاپي کي ڪهڙي پروڙ ته هن جي ووٽ جو تقدس ڪيترو آهي هن کي ته هر اليڪشن ۾  پولنگ اسٽيشن کان پهرين برياني جي پليٽ ۽ چلڪڻا نعرا ملندا رهيا آهن، جنهن پليٽ جي بدلي ۾ واپسي تي هيءَ ووٽ جي پرچي اليڪشن بوٿ جي دٻي ۾ اڇلائي ٿڌن ساهن سان اچي گهر جي ورانڊي ۾ پيل کٽ تي آهلي پوندي آهي. هڪ ڏينهن جي خفي کان پوءِ پنجن سالن تائين جڏهن هن جي گهر ۽ آس پاس ماحول ۾ ڪجهه به تبديل ناهي ٿيندو تڏهن ٻيهر هيءَ  ٿڌا شوڪارا ڀري اندر ئي اندر ۾ فيصلو ڪندي آهي ته هن دفعي ڦاپي انهن کي ووٽ نه  ڪندي جن پنج سال هن جي سار نه لڌي.

اليڪشن واري ڏينهن تائين هن جي دماغ ۾ ڦيريون هونديون ھوءَ وري به فيصلو انهن جي حق ۾  ڪندي آهي جن لاءِ پنج سال۾“ تلاش گمشدگي” جي اشتهار ڇپرائڻ جا ارادا رکندي هئي.

عام ماڻهن کي  ٻن آپشنن مان هڪ جي چونڊ ڪرڻ لاءِ موقعو فراهم ڪيو ويندو آهي. ماڻهو بد ۽ بدترين مان چونڊ ڪندا آهن پوءِ وڌيڪ سياڻا ماڻهو بدترين جي چونڊ ۽ گهٽ سياڻا ماڻهو بد جي پاسي بيهي نعرا هڻي ووٽ ڏيئي وهاڻو ڪنڌ جي هيٺان رکي پنج سال ننڊون ڪندا آهن.

حڪومتون ڪيئن ٺهن ٿيون سپريم ڪورٽ جي سابق جج جي مبينا آڊيو کان پوءِ به ڪنهن بحث جي گنجائش بچي ٿي ته کڻي دليل ڏجن، سچ کاري هيٺان ڪيئن لڪندو آهي سا پاڻ کي پروڙ ناهي. پاڻ کي بس ايتري خبر آهي ته حڪومتون ٺاهڻ ۽ ڊاهڻ جو ڪمال جو فن فقط انهن ماڻهن وٽ آهي جن جي نالي جي بدران هاڻي“ نامعلوم افراد” لکيو وڃي ٿو. انهن نامعلوم افرادِ وٽ ملڪ جي ٻاويهه ڪروڙ ماڻهن جا دماغ مائوف ڪرڻ جي لاءِ چاليھه چالاڪ ٽي وي اينڪر به آهن ته هيسائڻ جي لاءِ غوري ميزائل ۽ ڊرون ٽيڪنالاجي به آهي.

هنن  جي سوشل ميڊيا جي ڦڙتيلي ٽيم وٽ سينئر وڪيل اڳواڻ علي احمد ڪرد جي باغياڻي تقرير گم ڪرڻ جو به ڏانءُ آهي ته ڪائونٽر ۾ پيرن، سيدن، وڏيرن ۽ سياسي ڀوتارن لاءِ “ ڊيو شيئر” ڏيڻ جي وڪالت ڪندڙ وڪيل جي تقرير جو وڊيو وائرل ڪرڻ جو به فن آهي. هنن وٽ عالمي سفارتڪاري سان گڏ عسڪري بينڪ جو حساب ڪتاب رکڻ، سيڪيورٽي فورسز کي جهادي جذبي سان متحرڪ رکڻ، قومي اسيمبلي مان پاس ٿيل بجيٽ ڪاپي کان علاوه وسيلا ڪتب آڻڻ جا گر به آهن ته ملڪ ۾ ليڊرن ٺاهڻ جي فيڪٽري به لڳل آهي. ڊولي رڍ جهڙا ڪيترائي ليڊر ھنن جي سياسي ليبارٽري مان جنم وٺي هنن جي مفادن جي لاءِ ڪم ڪندا رهن ٿا ان ڪري ئي هاڻي هن ملڪ ۾ معشيت جي ترقي لاءِ“فوجي صنعت” جو معاشي منڊي ۾ نئون اصطلاح ٻڌڻ ۾ اچي پيو.

خبر ناهي ڇو سپريم ڪورٽ ۾ اڄ ڪلهه ملڪ جي سيڪيورٽي ادارن جي سيڙپ ڪاري تي جج صاحبان گفتگو شروع ڪئي آهي. ماضي ۾ ڪورٽن کان ٻاهر ان قسم جي بحثن کي ملڪ جي  سيڪيورٽي لاءِ خطرناڪ قرار ڏنو ويندو رهيو آهي پر هاڻي جڏهن  عقاب بيڪري جي لذيذ بسڪوٽن،آرائش وارن خوبصورت شادي هالن، رهائشي ڪالونين، بابت ججن دفاع جي وزارت کان پڇا ڪرڻ شروع ڪئي آهي ته لڳي ٿو آهستي آهستي ڳالهين جي ڳنڍ کلڻ شروع ٿيندي ايئن “فوجي صنعت” جي فائلن جا ڌاڳا کلڻ شروع ٿيندا، سياسي ليبارٽرين مان پيدا ٿيل ليڊر به نمودار ٿيندا، گوڙ شور پيدا ٿيندو، دفاعي تجزيو ڪندڙ ٽي وين تي نمودار ٿيندا، جيڪي ڏينهن رات اهو چوندي نه ٿڪجندا ته هنن ڳالهين ڪرڻ جو هي درست وقت ناهي حالتون خراب آهن سيڪيورٽي مسئلا وڌندا.

سوشل ميڊيا جا پيج ڪاروباري فائدن ۽ نقصانن بابت  پڇاڻو ڪندڙن کي ملڪ جا  غدار قرار ڏيندي انهن کي جوڳي سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪندا. ماسي ڦاپي جهڙيون هزارين عورتون احساس سينٽر جي درن تي دڪا ٿاٻا کائي جڏهن ايجنٽن  سان لين دين ڪري گهر جو سامان دڪان تان وٺي پيسا ڳڻڻ ويهنديون ته بي اختيار ٿي چوڻ شروع ڪنديون مُئي مارئي مهانگائي ته ڏس ڪيڏي ڪئي آهي. سياسي لڙ، ٽي وين تي بي وقتائتن بحثن، مهانگائي جي دانهن دوران ايئن سپريم ڪورٽ پاران  سيڪيورٽي ادارن جي هن ملڪ ۾ ڪارباري مفادن تي هلڪو ڦلڪو پڇاڻو ضرور ٿيندو رهندو پر هنن ادارن جا اثاثا ڪيترا آهن. ۽ ادارن جي موجوده ۽ سابق سربراهن جي ملڪيتن جا ڇا وچور آهن انهن جا انگ اکر ڪڏهن به نه پڇيا ويندا.

ڇاڪاڻ مالڪن جي ڪڏهن به آڊٽ نه ٿيندي آهي. آڊٽ فقط انهن جي ٿيندي آهي جيڪي نوڪر هوندا آهن  ۽ سدائين انهن تي بي ايماني ڪرڻ ۽  وسيلن جي خرد برد ڪرڻ جو خدشو رهندو آهي.

مالڪ ڀلي ملڪ جو معاشي ڏيوالو ڪڍي ڇڏين نوڪرن کي مجال آهي جو مالڪن  کان پڇاڻي ڪرڻ جو خيال به ذهنن ۾ آڻين. جي سپريم ڪورٽ ۾ ڪاروباري مفادن جو بحث شدت اختيار ڪري جي دوام پڪڙيندو ۽ جي  ڪجهه وڌيڪ ڏينهن دفاع جي وزارت جا بيوروڪريٽ سپريم ڪورٽ جي پڇاڻي هيٺ رهيا ته قوي امڪان آهن ته سپريم ڪورٽ جي ججن لاءِ ماضيءَ جي آزمودا هٿيار کي استعمال ڪندي اهو به چيو وڃي  ته هي جج فلاڻي ملڪ جا ايجنٽ آهن.