ڪراچي (م ڊ) پاڪستاني تحريڪ انصاف جي باني رڪن فوزيه قصوري پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو آهي. سوشل ميڊيا تي فوزيه قصوري جي خانگي ٽي وي چينل کي ڏنل انٽرويو جي هڪ ڪلپ وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ هن عمران خان ٽورنٽو تقريب ۾ گڏ ڪيل 3 لک ڊالرن بابت سوال ڪيو. فوزيه قصوري جو چوڻ هو ته ٽورنٽو تقريب ۾ عمران خان ۽ آئون موجود هئس، تقريب ۾ خان صاحب پاڻ چيو هو ته 3 لک ڊالرز گڏ ٿيا پر بعد ۾ سڄو سال خبر نه پئي ته اها رقم ڪيڏانهن وئي؟ اسان اي ميل ذريعي کائنس رقم بابت پڇندا رهياسين پر ڪو به جواب نه مليو. فوزيه قصوري پرڏيهي فنڊنگ تي پي ٽي آءِ جي موقف بابت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ڪجهه اڪائونٽ عمران خان جي نالي تي کليا آهن، سندس نالي سان پيسا ڊپازٽ ٿي رهيا آهن ته پوءِ اهو ڪيئن ممڪن آهي ته عمران کي خبر ناهي؟ پهرين ڳالهه خان صاحب تمام گهڻي غلط بياني ڪندو آهي. پي ٽي آءِ جي باني ميمبر جو چوڻ هو ته ٿي سگهي ٿو ته منهنجي بيان کي ماڻهو ڪوڙو به چئي ٿا سگهن پر مون خان صاحب سان گڏ ڊگهي عرصي تائين ڪم ڪيو آهي، تنهنڪري سندس عزت ڪندي آهيان پر عمران خان کي سوچي سمجهي ڳالهائڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته هڪ حد تائين ڪوڙ هلندو آهي ان بعد الله واعدو ڪيو آهي ته سڀ واضح ٿي ويندو آهي. فوزيه قصوري جو چوڻ هو ته انهي وقت انڌا ڌنڌ پئسو اچي رهيو هو ۽ اهڙن ماڻهن وٽان اچي رهيو هو جن کي اسان سڃاڻيندا به نه هئاسين پر خان صاحب ڄاڻيندو هو، عمران خان ابراج گروپ ۽ عارف نقوي سان معاهدو ڪيو هو ۽ هاڻ اهو چوڻ ڇاڪاڻ ته هو مسلمان آهي ته سندس خلاف سازش ڪئي پئي وڃي اها هڪ چريائپ واري ڳالهه آهي. هن وڌيڪ چيو ته پهريون دفعو ابراج گروپ ۽ عارف نقوي خلاف جيڪا جاچ شروع ٿي، اها گڏيل عرب رياستن کان شروع ٿي، عارف نقوي 3 سئو ملين ڊالرز جا چيڪ لکيا هئا جيڪي بائونس ٿي ويا هئا، عارف نقوي امپيڪٽ انويسمنٽ جي نالي سان ماڻهن کان پئسا ورتا جيڪي هن ، لگزري سفر، لنڊ ۾ مليڪتون خريدڻ ۽ پنهنجن دوستن کي عطيو ڏيڻ ۾ خرچ ڪيا، سندس دوستن ۾ عمران خان سميت ٻيون پارٽيون به شامل آهن جنهن جي جاچ ٿيڻ گهرجي.s