ٽوئيٽر ٽاپ ٽرينڊ ميمونه سومرو جي خون سان انصاف ڪريو

0
276
ٽوئيٽر ٽاپ ٽرينڊ

ڪنڌڪوٽ ۾ قتل ٿيل ميمونه سومرو جي خون سان انصاف لاءِ ٽوئيٽر تي جسٽس فار ميمونه سومرو هيش ٽيگ ٽرينڊ هلايو ويو، جنهن ۾ ميمونه جي قاتلن کي سزائون ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو، ان سلسلي ۾ افروز ڪٽپر ڏک جو اظهار ڪندي لکيو ته ڇو ٿي ڄڻيئي ڌيئر امان، جنهن تي آصف غفور لکيو ته ڏاڍو افسوس ٿيو نياڻين کي ظالم انسان بيدردي سان قتل ڪن ٿا ڄڻ ته اهي انسان ئي ناهن، ماروي نازش لکيو ته ڇوڪري هجڻ گناهه ٿي ويو آهي،

امتياز علي لکيو ته وڏيرن جو خاتمو آندو وڃِ جڙ وڏيرا آهن، اسماعيل بلوچ لکيو ته سنڌ پوليس کي ڪارروائي ڪرڻ گهرجي، شفيق عباس لکيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ ميمونه سومرو کي سهري پنهنجي پٽ سان گڏجي قتل ڪيو، ميمونه سومرو جي خون سان انصاف ڪيو وڃي، اقصيٰ ڪينجهر جمالي لکيو ته هڪ ٻيو ڏينهن هڪ ٻي عورت قتل، انصاف لاءِ هڪ ٻيو ٽيگ، راڻو خان لکيوته منهنجي دل رت جا ڳوڙها روئي ڪجهه لکي نٿو سگهان،

ماهنور ڀٽي لکيو ته هي جاگيرداراڻو نظام اڃا ڪيترا لاش چاهي ٿو، صوفين جي ڌرتي تي اهڙن کي ووٽ ڇو ڏنو ويندو آهي؟ هن زمين جا ماڻهو اسان جي ماڻهن کي بچائڻ جو فيصلو ڪڏهن ڪندا؟ تراب علي لکيو ته قاتلن کي سخت سزا ڏني وڃي،اسان جي نياڻين، ڀينرن ۽ مائرن سان انصاف ڪيو وڃي، اياز لطيف پليجو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ميمونه کي ڪنڌڪوٽ ۾ قتل ڪيو ويو، غيرت جي نالي تي قتل، ننڍي عمر ۾ زوري شادي، اغوا ۽ جبري تبديلي اسان جي ٻهراڙي وارن علائقن کي عورتن لاءِ مايوسي جي سرزمين بڻائي ڇڏيو آهي،

عابد علي سومرو لکيو ته قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي، عبدالجليل مگسي لکيو ته اليڪٽرانڪ ميڊيا ڪٿي آهي؟ ڇا اها رڳو سياست لاءِ آهي؟ هن معاملي کي کنيو وڃي، محمد اسماعيل لنجو لکيو ته انسانيت ڪيڏانهن پئي وڃي؟ امير ڀنڀرو لکيو ته صرف ايترو سوچي آواز اٿاريو ته هي نياڻي توهان جي ڀيڻ، ڌيءُ ۽ ماءُ به ٿي سگهي ٿي، استاد راهي لکيو ت ميمونه جي قاتلن کي گرفتار ڪري سزا ڏني وڃي،

طارق سولنگي لکيو ته ٻوڙن جو علائقو آهي ٿورو زور سان ڳالهايو.ايم علي لکيو ته هڪ عورت جو قتل پوري معاشري جو قتل آهي،محمد خان بجاراڻي، اصغر علي،علي جويو، شفيق عباس، آصف باغي، صفدر علي، دولت سنگهه، آزاد علي، اويس چاچڙ، اياز علي، عبدالحميد تنيو، حق ابڙو، آصف سومرو، ڊاڪٽر وزير علي ڪالو، انجنيئر ممتاز علي، ساد احمد، ڊاڪٽر عريبه عطاءُالرحمان سومرو، ونود راماڻي، احمد کوسو، محمد ايان، عائشه خان، برڪت علي، ثناءُالله سومرو، ساگر سومرو، شفيق الرحمان، سعيد سانگري، ريحان وسيم، سحر شاهه رضوي، شفقت سومرو، صبا حيدر، ثاقب اقبال ۽ ٻين ٽرينڊ ۾ حصو ورتو.

ٽرينڊ ۾ چيو ويو ته ڪنڌڪوٽ ۾ قتل ٿيل سنڌ جي نياڻي ميمونه سومرو کي قتل ڪندڙ قاتلن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي ۽ ميمونه جي خون سان انصاف ڪيو وڃي.