ٽوئيٽر ٽاپ ٽرينڊ شهدادڪوٽ کي پاڻي ڏيو

0
212

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي شهدادڪوٽ کي پاڻي ڏيارڻ لاءِ ٽرينڊ هلايو ويو، شهدادڪوٽ نيڊز واٽر هيش ٽيگ ٽرينڊ ۾ حسين لغاري، اسرار سيال، هرچند ڪڇي، ماهه نور حيا، ايم بي خاصخيلي، عبدالفتاح، غلام رسول عمراڻي، زيب سنڌي، اياز سنڌي، هريش ڪمار، مصتنصر مهدي، اسلم سمون ۽ ٻين حصو ورتو، ٽرينڊ ۾ چيو ويو ته پاڻي تي سياست بند ڪريو، شهدادڪوٽ کي پاڻي ڏيو، سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو نامنظور، پاڻي جياپو آهي، شهدادڪوٽ ۾ فصل جي آبادي لاءِ هڪ وڏي شاخ آهي سيف الله شاخ جنهن ۾ غيرقانوني پائيپ لڳل آهن جيڪي ايريگيشن عملي پئسا وٺي هنيا آهن، انهن ئي پائيپن ذريعي پاڻي بلوچستان چوري ڪري ٿو ۽ شهدادڪوٽ وارا پاڻي ڍڪ لاءِ سِڪي رهيا آهن، سنڌ سميت قمبر شهدادڪوٽ ضلعو به پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيو آهي، فصل متاثر ٿي رهيا آهن، زمينون بنجر بڻجي رهيون آهن، شهدادڪوٽ کي پاڻي ڏنو وڃي.