لاهور(اسپورٽس نيوز) نيلزيلينڊ ۾ ٽه ملڪي سيريز جي پهرين ميچ اڄ پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ پاڪستاني وقت موجب صبح ساڍي 06 وڳي کيڏي ويندي. قومي ٽيم لنڪن يونيورسٽي ڪرائسٽ چرچ ۾ ڀرپور ٽريننگ سيشن ڪيو. ٽن ڪلاڪن تائين جاري رهندڙ پريڪٽس سيشن ۾ رانديگرن بيٽنگ، بالنگ ۽ فيلڊنگ جون مشقون ڪيون. هوڏانهن پي سي بي طرفان جاري ڪيل وڊيو ۾ بابراعظم چيو ته اڄ کان شروع ٿيندڙ ٽه ملڪي سيريز اهم آهي. هن سيريز مان پاڪستان کي گهڻو فائدو ٿيندو. ٽي 20 ڪرڪيٽ ۾ ڪابه ٽيم سولي ناهي هوندي. بنگلاديش خلاف ڀرپور تياري سان ميدان ۾ لهنداسين. بابراعظم وڌيڪ چيو ته نيوزيلينڊ ۽ بنگلاديش جون ميچون ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي تياري ۾ مدد ڏينديون. نيوزيلينڊ جي ڪنڊيشنز آسٽريليا سان ملندڙ جلندڙ آهي. نيوزيلينڊ جي ٽيم پنهنجي هوم ڪنڊيشنز ۾ سخت حريف ثابت ٿيندي آهي، هنن وٽ ڪين وليمسن، ٽم سائودي ۽ ٽرينٽ بولٽ جهڙا تجربيڪار رانديگر موجود آهن. هن چيو ته انگلينڊ خلاف اسان مختلف ڪمبينيشن آزمايو جنهن سان خامين ۽ خوبين جو اندازو ٿيو، ٽه ملڪي سيريز سان ڪمبينيشن کي حتمي شڪل ڏيڻ ۾ مدد ملندي.