اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان آءِ ايم ايف کي ٽيڪس جمع ڪرڻ جو هدف پورو ڪرڻ لاءِ يقين ڏياري ڇڏيو آهي. ذريعن موجب ، پاڪستان آءِ ايم ايف کي يقين ڏياريو آهي ته ايندڙ مالي سال ۾ ٽيڪس وصول ڪرڻ جو هدف 6 هزار ارب رپيا مقرر ڪيو ويندو 13 کان 14 سو ارب رپين جا اضافي ٽيڪس لاڳو ڪيا ويندا يا موجوده ٽيڪسن جي شرح کي وڌايو ويندو. جڏهن ته هلندڙ سال ٽيڪس وصولين جو حدف پورو نه ٿي سگهندو. پاڪستان آءِ ايم ايف کي يقين ڏياريو آهي ته هن سال ٽيڪس وصوليون 4،600 ارب رپيا تائين رهنديون، بجلي جا اگهه هاڻوڪي مالي سال جي پهرين ٽن مهينن ۾ 4.97 پئسا وڌي ويندا ، جڏهن ته پيٽروليم ليوي ڪمپنين ۾ وصوليون 450 ارب رپين جي بدران 511 ارب رپيا ٿي وينديون. ايندڙ سال 600 ارب روپين کان وڌيڪ پيٽروليم ليوي جي صورت ۾ جمع ڪيا ويندا. پاڪستان آءِ ايم ايف کي ٻڌايو آهي ته ايندڙ مالي سال جو بجيٽ 7،700 ارب رپيا هوندو ، ايندڙ سال 3100 ارب رپيا قرضن ۽ وياج جي ادائيگي تي خرچ ڪيا ويندا ، ايندڙ مالي سال دوران ترقياتي پروگرام جو حجم 627 ارب رپيا ٿيندو. پاڪستان يقين ڏياريو آهي ته جي ڊي پي ۾ ٽيڪس جو حصو 3 سيڪڙو وڌي ويندو ، کاڌي پيتي ، دوائن ۽ تعليم جي شين تي ٽيڪس جو خاتمو ختم ڪيو ويندو.