ٽن لکن جي ضرورت ناهي: استاد فتح علي جي پٽ جو ثقافت کاتي جي امداد تي جواب

0
308
استاد فتح علي جي پٽ جو ثقافت
ٽن لکن جي ضرورت ناهي: استاد فتح علي جي پٽ جو ثقافت کاتي جي امداد تي جواب

ڪراچي: ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ علاج هيٺ استاد فتح علي خان جي علاج لاءِ ثقافت کاتي پاران ٽي لک روپيا جمع ڪرايا ويا. وارثن پاران رقم واپس ڪرڻ بعد ثقافت کاتي جي اختيارين اسپتال جي ڪائونٽر تي چيڪ جمع ڪرائي ڇڏيو.

استاد فتح علي خان جي پٽ نثار فتح علي خان چيو ته ثقافت کاتي جي آفيسرن کي اسان چيڪ  واپس ڪيو هو ته انهن اسپتال جي ڪائونٽر وڃي جمع ڪرايو، ٽن لک روپين جي ضرورت ناهي، ثقافت کاتي جو اهو قدم وڌيڪ تڪليف ڏيندڙ آهي.