ٽن ججز جي ڀيٽ ۾ 4 ججز پاڻمرادي نوٽيس واري پٽيشن کي رد ڪيو: وفاقي وزير ۽ اٽارني جنرل

0
118

قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ ۽ اٽارني جنرل چيو آهي ته 3 ججز جي ڀيٽ ۾ 4 ججز پاڻمرادي نوٽيس واري پٽيشن کي رد ڪري ڇڏيو آهي، فيصلي تي نظرثاني جي ضرورت نه آهي، 4 ججز پاران پٽيشن رد ٿيڻ سبب هاڻي معاملو ٻن هاءِ ڪورٽس کي ڏسڻو آهي

اعظم نذير تارڙ چيو ته 9 رڪني لارجر بينچ مان 2 جج ڌار ٿي ويا هئا، رهيل 7 ججز مان به ٻن ججز پاڻمرادي نوٽيس کي ٻڌڻ جوڳو نه قرار ڏنو، اڄ 5 رڪني بينچ ۾ شامل 2 ججز به اختلاف ڪيو

هن چيو ته اسان سمجهون ٿا ته 4 ججز جي اڪثريت سان چونڊن بابت پٽيشن رد ٿي چڪي آهي، وڌيڪ تشريح هاڻي 2 هاءِ ڪورٽس ڪنديون، اسان چونڊن کان ڀڄي نه رهيا آهيون پر ڊجيٽل آدمشماري جي نتيجن جو انتظار پيا ڪريون، صوبائي توڙي عام چونڊون نئين آدمشماري جي انگ اکرن تحت ٿيڻ گهرجن

هي به پڙهندا

سپريم ڪورٽ پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ 90 ڏينهن اندر چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو